120

انڊونشيا،ڪورونا وائرس ۾ مبتلا شهري ايئر ايمبولينس ذريعي سعودي عرب منتقل

جڪارته (ويب ڊيسڪ) انڊونشيا مان ڪورونا وائرس مبتلا سعودي شهري کي ايئر ايمبولينس ذريعي سعودي عرب پهچايو ويو، رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن انڊونشيا جي شهر جڪارته  ۾ موجود ڪورونا وائرس ۾ مبتلا سعودي شهري کي ولي عهد محمد بن سلمان جي خاص هدايت تي ايئر ايمبولينس ذريعي  18 ڪلاڪن جي اڏام ذريعي رياض پهچايو ويو جٿي کان هن کي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا هئا. واضع رهي ته هن وقت تائين مختلف جاين تان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 90 ماڻهن کي هوائي ايمبولينس ذريعي سعودي عرب پهچايو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو