اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مٽه، سوات ۾ بنجر جبل سرسبز ۽ شاداب ٿي رهيا آهن، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي مهم جا شاندار نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته انشاءَ الله اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ صاف سٿرو ۽ سرسبز شاداب پاڪستان ڇڏي وينداسين. وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مٽه، سوات جي جبلن جي وڊيو پڻ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ماضي ۾ انهن بنجر جبلن تي سرسبز شاداب وڻ لهرائيندي خوبصورت نظارو پيش ڪري رهيا آهن.
