116

جيڪڏهن ٻار جي عمر ۾ وقفو گهٽ هجي ته ٻار اسٽنٽنگ (غذائي کوٽ) جي مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو: صدر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي خصوصي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ٻارن جي عمرن ۾ وقفو گهٽ هجي ته ٻار اسٽنٽنگ (غذائي کوٽ) جي مسئلن جو شڪار ٿئي ٿو. هن چيو ته هو اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان اهم ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ٻارن جي عمرن ۾ مناسب وقفو نه هجي ته ان سان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جا مختلف مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ خاص طور تي ٻارن کي اسٽنٽنگ يعني غذائي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ”خيرخواهه“ جي نالي سان هڪ خصوصي پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته سمورا پاڪستاني ٻارن جي عمرن ۾ مناسب وقفي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ادا ڪن. صدر چيو ته اسان جي معاشري ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان ڳالهه نه ٿي ٿئي. هن چيو ته ٻارن ۾ مناسب وقفو ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر شهري پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن پاڪستان هڪ خوشحال ملڪ بڻجي ۽ اسان جي خاندانن ۾ خوشحالي اچي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو