106

شهباز شريف تي الزام آهي ته هن 25 ارب رپيا جعلسازي سان پاڪستان مان ٻاهر موڪليا: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير  فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف تي الزام آهي ته هن 25 ارب رپيا جعلسازي سان پاڪستان مان ٻاهر موڪليا، هي اها رقم آهي جيڪا خبر پئجي وئي، اصل رقم ان کان تمام گهڻي ٿي سگهي ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شهباز شريف ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم کي ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، چوي ٿو ته ٻارن کي خبر هوندي، ٻار مفرور ڪرائي ڇڏيا، سندس جيل کان ٻاهر هجڻ مذاق نه آهي ته ڇا آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو