104

مريم صفدر ڦرلٽ جي ميراث تي ويهي جمهوريت جو راڳ ڳائي رهي آهي: شهباز گل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مريم صفدر ڦرلٽ جي ميراث تي ويهي جمهوريت جو راڳ ڳائي رهي آهي. مفرور بادشاهه سلامت هن ملڪ کي ذاتي جاگير وانگر هلايو، مفرور اشتهاري جي نالي سان پنجاب ۾ 47 سرڪاري ادارن جا نالا آهن. تختين جي نالي تي ئي نااهل ليگ ڦرلٽ ڪئي آهي. ڊاڪٽر شهباز گل مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته بيماري جي بهاني مفرور جي درٻارين لاءِ اسپتال جو نالو وٺڻ به شرمندگي جو سبب هجڻ گهرجي. هن چيو ته چور ۽ ڦورن جي نالي ماتر ڪارڪردگي صرف ڪڪ بيڪس، ڪميشن ۽ مال ٺاهڻ تائين محدود آهي. نااهل ليگ جي سڄي سياست ”مال لڳايو ۽ مال ڪمايو“  تائين محدود آهي. مريم صفدر ڪرپشن، ڌوڪي ۽ ڦرلٽ جي ميراث تي ويهي جمهوريت جو راڳ ڳائي رهي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو