115

ترڪي ۾ پناهگيرن جي بس کي حادثو، 12 ڄڻا اجل جو شڪار، 20 زخمي

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪي ۾ پناهگير کڻي ويندڙ هڪ مني بس گهري کائي ۾ وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾  12 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 20 زخمي ٿي پيا.رپورٽ مطابق  ترڪي جي ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مينجمنٽ اٿارٽي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پناهگيرن جي هڪ مني بس صوبي وين جي ضلعي مراوي ۾ هڪ مني بس گهري کائي ۾ وڃي ڪري جنهن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 20 زخمي ٿيا. هن ٻڌايو ته طبي ٽيمن، فائرفائٽرز، سيڪورٽي فورسز جي اهلڪار  فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتالن ۾ منتقل ڪيا آهن. واضح رهي ته ترڪي مان غيرقانوني پناهگيرن لاءِ هڪ اهم رستو آهي جتان کان پناهگير غير محفوظ ٻيڙين، مني بسن ۽ ٽرڪن ۾ غيرقانوني طور تي يونان پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو