اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي 3 ڏينهن جي دوري تي تاجڪستان روانو ٿي ويو آهي، پرڏيهي وزير تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ايس سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندو. پرڏيهي وزير، شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي افغانستان بابت گروپ جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو ۽ افغان امن عمل، تيزي سان بدلجندڙ خطي جي صورتحال ۽ علائقائي سهڪار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان پاڪستان جو نقطئه نظر پيش ڪندو. شاه محمود قريشي شنگهائي سهڪار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاجڪستان، ڪرغزستان، ازبڪستان، افغانستان، روس ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، علائقائي رابطن کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان به ملاقات ڪندو. اميد آهي ته پرڏيهي وزير جو هي دورو افغان امن عمل، خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي هڪجهڙائي لائحه عمل اختيار ڪرڻ ۽ ايس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ ڪثير الجهتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
107