142

شريف خاندان جي رڳن ۾ ڪشميري رت ان وقت ڪٿي هو جڏهن مودي کي شادي جي دعوت ڏئي رهيا هئا: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي امين گنڊا پور چيو آهي ته شريف خاندان جي رڳن ۾ ڪشميري رت ان وقت ڪٿي هو جڏهن مودي کي شادي جي دعوت ڏئي رهيا هئا. نواز شريف جندال سان ملاقات ڪري چوي پيو ته اسان جا ذاتي لاڳاپا آهن. مريم نواز جي خطاب تي پنهنجي رد عمل ۾ علي امين گنڊا پور چيو ته اهي ٻار صرف پنهنجي پنهنجي والد کي بچائڻ لاءِ نڪتا آهن. پرچين وارا نام نهاد ليڊر عمران خان جو ڇا مقابلو ڪري سگهندا. عمران خان ٻن ڏهاڪن جي جدوجهد بعد  عوام جي مدد سان اقتدار ۾ آيو آهي. هن چيو ته مريم پنهنجي والد کان پڇي ته هو ڪهڙي طرح اقتدار ۾ آيو. نواز شريف جنرل جيلاني جي سهاري سياست ۾ آيو. چور، ڦورو ليڊر عوام جو پيسو ڦري لنڊن ۾ مزا وٺي رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو