لاهور(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ هٿان شڪست تي شعيب اختر جي سليڪٽرن مٿان سخت تنقيد، هڪ بيان ۾ شعيب اختر چيو ته ٽيم ۾ هڪ به ميچور بيسٽمين ناهي، سليڪشن بهتر ڪئي وڃي، شعيب اختر وڌيڪ چيو ته ٽي ٽوئنٽي پليئر ون ڊي ۽ ون ڊي جا پلئير ٽي ٽوئنٽي ۾ کيڏايا پيا وڃن، صهيب مقصود کي ٽي ٽوئنٽي پرفامنس تي ٽيم ۾ سليڪٽ ڪيو ويو پر کيس ون ڊي کيڏايا پيا وڃن، سرفراز احمد بهترين مڊل آرڊر بيسٽمين آهي پر کيس ٻاهر ويهاريو پيو وڃي، شعيب اختر وڌيڪ چيو ته ٽيم ۾ اهڙو ڪهڙو بيسٽمين آهي، جنهن جي بيٽنگ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪجي
