ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) 20 انچ جي بنگلاديشي ڳئون ”راڻي“ جا سوشل ميڊيا تي چرچا آهن، رپورٽ مطابق راڻي نالي ڳئون جو وزن 28 ڪلو ،عمر 23 مهينا ۽ هو دنيا جي ننڍي ڳئون پڻ آهي،ڍاڪا ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ 20 انچ جي ڳئون کي آسپاس جا ماڻهو ڏسڻ لاءِ روزانو اچن ٿا، ڳئون جي مالڪ جو چوڻ آهي ته گنيز بڪ آف ورلڊ وارن رابطو ڪيو آهي، هن چيو ته ڳئون ڏينهن ۾ 2 ڀيرا گاهه کائيندي آهي، راڻي کي ٻاهر گهمڻ ڦرڻ پسند آهي
