114

ڪشمير کي صوبو بڻجڻ نه ڏينداسين، عمران خان رڳو اٽو،کنڊ ۽ بجلي مهانگي ڪري پيو:مريم نواز

بٽيان بالا(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڪشمير کي صوبو بڻجڻ نه ڏينداسين،عمران خان رڳو اٽو،کنڊ ۽ بجلي مهانگي ڪري پيو، چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ان جو نه ڪو ڪاروبار نه ئي ڪو واپار آهي،کيس ڪو به فرق نٿو پوي،باقي ملڪ جو عوام مهانگائي سبب روئي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان کي کنڊ ۽ اٽو وٺڻ جي لاءِ لائين ۾نٿو بيهڻو پوي،هو جڏهن ڪشمير اچي ته پنهنجو اعمال نامو پاڻ سان گڏ کڻي اچي، منهنجي رڳن ۾ڪشمير جو رت آهي،مان هتان جي عوام سان گڏ آهيان،راجا فاروق حيدر سان منهنجي خاندان جو تعلق آهي، والار ڪشمير جو ڪيس هارائيندڙ هاڻي ڪشمير تي نظر رکي ويٺا آهن،اسان ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو