اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته گرمين ۾گئس جي لوڊشيڊنگ سليڪٽيڊ وزيراعظم جي نااهلي جو ثبوت آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته وفاقي حڪومت شديد گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ڪري پئي،بجلي جي بلن ذريعي عوام جو رت چوسي رهي آهي، هن چيو ته ماڻهن جي سفيد پوشي جو ڀرم ٽٽي رهيو آهي،وڏي انگ ۾عوام بجلي جي واڌو لوڊشيڊنگ خلاف روزانو احتجاج ڪري رهيو آهي، جڏهن ته کنڊ هڪ ڀيرو ٻيهر 110 رپيا ڪلو وڪرو ٿي وئي آهي ۽ پيٽرول جي قيمت به غريب جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري عوام سخت پريشان آهي، ملڪ جو عوام موجوده حڪومت مان ڇوٽڪارو چاهي ٿو،نااهل ۽ نالائق حڪومت هاڻي گهڻو وقت رهي نٿي سگهي.
112