لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قومي معاشي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته حڪومتي پاليسي آءِ ايم ايف جي اثر هيٺ هجڻ جي ڪري صورتحال بهتر نه پئي ٿئي، وفاقي حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري سميت ڪنهن به مسئلي جو حل نه پئي ڪڍي، بجيٽ جا اثر مهانگائي ۾لڳاتار واڌ ڪن پيا،عوام پريشاني کي منهن ڏئي پيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي عوام کي صدمي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو.
