ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان کي سياست ڪرڻ نه پر تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صورتحال اهڙي آهي جو اسان ڪينيا ۽ يوگنڊا سان به مقابلو نٿاڪري سگهون، اسان کي پتو آهي ته پاڪستان کي ڪهڙي طريقي سان ترقي جي رستي تي هلائڻو آهي، هن چيو ته جاگيردار طبقي ملڪ جي سياست تي قبضو ڪري ورتو آهي.
106