ليکڪ: سڪندر بوزدار
تعليم ئي اهو هٿيار آهي جنهن سان علم جي روشني پکيڙي سگهجي ٿي، تعليم سان گهر گهر شعور جي لاٽ ٻاري معاشري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهجي ٿو، دنيا جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تعليم توڙي ڪتاب جي اهميت گهٽ ناهي ٿي سگهي، ڪتاب ئي اهل علم جو سهارو ۽ دوست آهن، ڪتاب پڙهڻ سان ئي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو، سٺا ڪتاب پڙهڻ سان ئي انسان سٺي زندگي گذاري سگهي ٿو، پنهنجا خواب پورا ڪري سگهي ٿو، تڏهن ته چوندا آهن ”علم انسان جي ٽين اک آهي“ جروار جهڙن پوئتي پيل علائقن ۾ مطالعو ڪرڻ وارو ماحول ميسر ناهي، ادبي ميڙاڪا ۽ گڏجاڻيون نه هئڻ جي برابر آهن، ڪتاب پڙهڻ جون سهولتون ۽ لائيبريريون نه هجڻ ڪرڻ نوجوان نسل سوشل ميڊيا تائين محدود آهي، ڪتاب پڙهڻ ڏانهن نوجوان نسل جو لاڙو تڏهن ٿيندو جڏهن انهن کي اها سهولت ڏني ويندي يعني لائبريريو ڏنيون وينديون، وڏن وڏن شهرن ۾ ته سٺا تعليمي ادارا ۽ لائبريريون آهن پر ٻهراڙين ۾ نه سٺا تعليمي ادارا آهن نه لائبريريون آهن، هونئن به اڪثر ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ اسڪول تباهه آهن، مال جا واڙا بڻيل آهن ته يا وري قبضي هيٺ آيل آهن يا وري اوطاقن ۽ گودامن ۾ تبديل ٿيل آهن، ڄڻ هٿ وٺي اسان جي تعليمي معيار کي ڪيرايو پيو وڃي، جن سڌريل ملڪن وٽ تعليم ۽ ڪتابن جي اهميت آهي انهن هر عوامي جاءِ تي پبلڪ لائبريريون قائم ڪري ڇڏيون آهن، بس اسٽينڊ، پارڪن، ريلوي اسٽيشن، ۽ اسپتالن سميت هر جاءِ تي لائبريريون قائم ٿيل ملنديون، بدقسمتي سان جنهن ملڪ ۾ اسان رهون ٿا اتي تعليم جي اهميت کي اجاڳر ئي نٿو ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏن شهرن ۾ اوهان کي لائبريريون ملنديون پر ڀڙڀانڪ ٿيل هر سهولت کان آراستا ٿڌي پاڻي جو ڪولر به لڳل نه هوندو، پکي جي هوا صرف پکي کي ئي لڳندي هوندي، اهڙي گرمي ۾ نوجوان شاگرد ڪهڙو مطالعو ڪري سگهندا، مان جروار جي نوجوانن کي جس ڏيندس جن جو تعليم سان پيار آهي، جيڪي اڍائي سال اڳ اهڙي قهر جي گرمي ۾ جروار کان پيادل 20ڪلو ميٽر پنڌ ڪري سون جي تعداد ۾ ڊي سي ميرپور ماٿيلو آفيس پهتا هئا، اڳ خبر هئڻ ڪري ڊي سي گهوٽڪي پنهنجي آفيس مان کسڪي اي ڊي سي کي ويهاري ويو، جنهن نوجوانن سان ڳالهيون ڪيون ۽ مطالبا ٻڌا، نوجوانن جو هڪ ئي مطالبو هو ته ڀل ڪرڪيٽ گرائونڊ نه ڏيو پر اسان کي ڪتاب پڙهڻ جي سهولت ڏيو يعني تعليم ڏيو مطلب انهن نوجوانن جروار کي لائبريري ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، اڍائي سال گذري ويا آهن لائبريري ته نه ملي سگهي باقي ڪرڪيٽ گرائونڊ لاءِ پئسا اچي ويا آهن، جروار کان پنج ڪلوميٽر پنڌ تي هڪ گرائونڊ ٺهيل آهي، جتي صرف ڊرڀ ۽ ٻوٽا ڦٽي آيل آهن، جتي ڪڏهن ڪا ميچ ناهي ٿي، ان گرائونڊ جي مرمت لاءِ ٻه ڪروڙ کان مٿي رقم رکي وئي آهي، جڏهن جروار شهر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ لاءِ به ڪروڙين رپيا منظور ٿي آيا آهن، مهنجي خيال ۾ رانديگرن کان وڌيڪ ڪرڪيٽ گرائونڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو انهن ماڻهن کي ٿيندو جيڪي ٺيڪيدار ٿيندا يعني ٺيڪي ڏيارڻ وارا، اسان راندين جا مخالف به ناهيون، تعليم سان گڏ رانديون به ضروري آهن، راندين سان ئي صحتمند معاشرو جڙي ٿو پر تعليم اهم آهي، جنهن لاءِ لائبريري ضروري آهي جتي غريب ۽ مسڪين شاگرد ويهي پنهنجي امتحانن جي تياري ڪندا آهن، پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ ڪتاب پڙهند آهن، جروار جهڙي قبائلي جهيڙن جو پسمنظر رکندڙ شهر جي نوجوانن ۾ شعور اچي رهيو آهي، مختلف قبيلن سان واسطو رکندڙ نوجوان پاڻ ۾ ايڪي، اتحاد ۽ اخلاق سان پيش اچن ٿا، تعصب جو خاتمو ٿي رهيو آهي، چونڊيل نمائندن ۽ ڀوتارن جي ڪارڪردگي تي نوجوان ويچاري به رهيا آهن ۽ انهن جي ڪارڪردگي کي نندي به رهيا آهن، هر ظلم ۽ ڏاڍ خلاف نوجوان گڏجي آواز اٿاري رهيا آهن. نوجوانن جي سجاڳي جي ڪري آهستي آهستي ذات پات وارو فرق به دم ٽوڙيندي ڏسجي رهيو آهي، هتان جا اسٽيڪ هولڊر نه چاهيندا ته ڪي نوجوان اڳيان اچن يا نوجوانن ۾ شعور اچي، ڪيترن ئي رڪاوٽن جي باوجود به نوجوان تعليمي ماحول چاهين ٿا، جروار جهڙي قبائلي شهر مان ڪيترائي نوجوان وڏن عهدن تي جج، وڪيل، ڊاڪٽر بڻيل آهن، ليڪچرار آهن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ سٺي ڪارڪردگي سان نمايان آهن، هن وقت به جروار جي نوجوانن جو هڪ ئي مطالبو آهي ته جروار کي لائبريري ڏني وڃي.