ليکڪ: اسلم پرويز مگسي
ڪاميابيءَ جو دارومدار انسان جي محنت ۽ قابليت تي آهي. محنت ۽ قابليت سان گڏ جذبي جو هجڻ پڻ ضروري آهي. هر ڪامياب انسان جي زندگيءَ ۾ اهڙين قابليتن جو ڪردار شامل هوندو آهي. چوندا آهن ته دنيا ڏکن ۽ سکن جي سيج آهي. ڏک ۽ سک هر انسان جي زندگيءَ جو حصو هوندا آهن، پر ڏکن کي شجاعت سان منهن ڏئي اڳتي وڌڻ کانپوءِ ئي ڪاميابي آهي. اهي ماڻهو جيڪي مشڪل حالت ۾ همت هاري ويٺا، اهي ناڪام ٿيا ۽ جن مشڪل حالتن کي شجاعت ۽ بهادريءَ سان منهن ڏئي پنهنجي جاکوڙ کي جاري رکيو، انهن دنيا ۾ سوڀ ماڻي. اهڙن ڪامياب انسانن جي فهرست ۾ جين ڪوم جي ڪهاڻي دلچسپ ۽ اڪسائيندڙ آهي، هي دنيا جو اهو انسان آهي، جيڪو فقط هڪ صحيح ڪرڻ سان 5 منٽن ۾ 19 بلين ڊالرن جو مالڪ بڻجي ويو هو ۽ هڪ ڏينهن ۾ دنيا جي 100 وڏن ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ پڻ شامل ٿيو هو. سندس سوانح هيٺ ڏجي ٿي. جين ڪوم 24 فيبروري، 1976ع تي يوڪرين ملڪ جي ”ڪِيو“ شهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ان وقت اڳوڻي سوويت يونين جو حصو هو، سندس تعلق هڪ غريب گهراڻي سان هو. سندس پيءُ هڪ مزدور هو. هو هڪ يهودي قبيلي سان تعلق رکندا هئا. 1992ع دوران يوڪرين ۾ يهودين تي ظلم ٿيڻ شروع ٿيو، جنهن سبب کين لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، هو پنهنجي والده سان گڏ آمريڪا جي شهر ڪيليفورنيا ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويو پر سندس والد لڏڻ کان انڪار ڪيو، آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ هنن وٽ پنهنجي رهائش نه هئي ۽ نه ئي کين ڪو روزگار هو. غربت جي ڪري حڪومت هنن کي ٻن بيڊن وارو هڪ ننڍو فليٽ الاٽ ڪري ڏنو ۽ کين کاڌو پڻ ڏيندي هئي. گهر جون حالتون مناسب نه هجڻ ڪري کيس ننڍي عمر ۾ ئي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي، پڙهائيءَ سان گڏ هو هڪ مقامي گراسري اسٽور تي سوئيپر طور ڪم ڪندو هو، هن کي ڪمپيوٽر سکڻ جو شوق هو. جنهن جي ڪري سندس والده سينٽ جوزف اسٽيٽ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ڏني. ان وقت هن جي عمر 18 سال هئي. کيس ايترا پئسا ڪونه هئا جو هو ڪمپيوٽر خريد ڪري سگهي. پڙهائيءَ لاءِ ڪمپيوٽر جو هجڻ هن لاءِ نهايت ضروري هو، ٻن سالن کانپوءِ هن سستي قيمت ۾ هڪ پراڻو ڪمپيوٽر خريد ڪيو. ٿوري وقت ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن 1996ع دوران w00w00 نالي هڪ هيڪر گروپ ۾ شموليت اختيار ڪئي، جتي هن پنهنجي مهارت ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ۽ نيپسٽر جي مستقبل جي باني، شان فيننگ سان نيٽورڪ جو ڪم شروع ڪيو، 1997ع ۾ سندس والد وفات ڪري ويو ۽ ان سال کيس ياهو ڪمپنيءَ ۾ انفرااسٽرڪچر انجنيئر جي نوڪري ملي. ياهو ڪمپنيءَ ۾ سندس ملاقات برائن ايڪٽن نالي هڪ ملازم سان ٿي، جنهن سان ڪجهھ ئي وقت ۾ سٺي دوستي ٿي، نوڪري کانپوءِ سندس گهر جي حالت ڪجهھ بهتر ٿي، پر هن کي هڪ وڏو صدمو ان وقت پهتو جڏهن سندس والده کي ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، جيڪا 2000ع ۾ وفات ڪري وئي، 2004ع ۾ فيس بڪ لانچ ٿيو، جيڪو آهستي آهستي سڄي دنيا ۾ مقبول ٿيندو رهيو. ان کان پوءِ ٻنهي ڄڻن فيس بڪ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏني، پر فيس بڪ ڪمپنيءَ کين نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هنن 9 سالن تائين ياهو ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪئي. سال 2009ع ۾ ٻنهي دوستن ڪمپنيءَ مان استعيفيٰ ڏني ۽ هو سائوٿ آفريڪا ڏانهن گهمڻ هليا ويا. جين ڪوم جو خيال هو ته ڪا اهڙي ايپ تيار ڪجي جنهن جي ذريعي ماڻهو ميسيج جيان تصويرون، وڊيو يا ڊاڪيومينٽ هڪ ٻئي ڏانهن اماڻي سگهن، هن اهڙي خيال جي ونڊ هن پنهنجي دوست برائن ايڪٽن سان ڪئي، جنهن کي هن جو خيال تمام گهڻو پسند آيو. ايپ تيار ڪرڻ لاءِ هن آئي فون موبائيل خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڇاڪاڻ ته آئي فون موبائيل اهڙي ايپ تيار ڪرڻ ۾ موزون ثابت ٿي سگهي پئي. هن آئي فون موبائيل خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي لنچ بند ڪئي ۽ پئسا جمع ڪرڻ شروع ڪيا. آئي فون موبائل سندس زندگيءَ کي ترقي جي راهه ڏانهن گامزن ڪيو، اهڙيءَ ريت 2009ع ۾ ٻن سالن کان پوءِ هو ”واٽس ايپ“ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، واٽس ايپ ايجاد ڪرڻ کانپوءِ هن واٽس ايپ ڪارپوريشن جي نالي سان هڪ ڪمپني کولي. هن پنهنجي ڪمپنيءَ لاءِ ڪرائي تي هڪ ننڍو گهر ورتو. هن پنهنجي دوستن کي ڪمپنيءَ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ لاءِ چيو، جيڪي ساڻس ياهو ڪمپنيءَ ۾ گڏ ملازمت ڪندا هئا. هن وقت سموري دنيا ۾ اٽڪل 2 ارب ماڻهو ان ايپليڪيشن کي استعمال ڪري رهيا آهن، ان ايپ جي بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها دنيا جي تيز ترين ۽ محفوظ ايپليڪيشن پڻ آهي.2011ع ۾ واٽس ايپ دنيا جي ٽاپ 20 ايپس ۾ شامل ٿي ويو. جنهن کان پوءِ سندن ڪمپنيءَ جي انڪم تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. سال 2012 ۾ واٽس ايپ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، 9 فيبروري 2014ع ۾ سندس قسمت تڏهن کلي جڏهن فيس بڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ مارڪ زڪربرگ واٽس ايپ خريد ڪرڻ جو هن سان معاهدو ڪيو. هي اهو ئي ادارو هو جنهن جين ڪوم کي نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. هن فيس بڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ سان هڪ شرط رکيو، جنهن ۾ هن چيو ته هي شهر جي فلاحي عمارت ۾ ويهي صحيح ڪندو، پر فيس بڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ انڪار ڪيو، هو پنهنجي شرط کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽيو. ڇاڪاڻ ته اها سندس پهرين ۽ آخري خواهش هئي، فيس بڪ جي مالڪ ساڻس ٻيهر رابطو ڪيو. آخرڪار فيس بڪ ڪمپنيءَ جي مالڪ سندس شرط قبول ڪيو. ان وقت جين ڪوم جي عمر 38 سال هئي، فيس بڪ ڪمپنيءَ جو مالڪ پنهنجا دستاويز کڻي فلاحي عمارت وٽ پهتو ۽ ويٽنگ روم ۾ سندس انتظار ۾ ڪرسي تي ويٺو. ان وقت جين ڪوم جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. ڇاڪاڻ ته هي اهو ئي ادارو هو، جتي جين ڪوم پنهنجي والده سان گڏ حڪومت طرفان کاڌي جو انتظار ڪندو ھو، جتي هڪ عورت کين نفرت جي نگاهه سان ڏسندي هئي ۽ سدائين طنزيه طور ڳالھائي چوندي هئي ته ”نيٺ ڪيستائين اوهان خيرات جي ماني وٺندا رهندا. اوهان ڪا نوڪري ڇو نه ٿا ڪيو“ هو عورت جا اهي لفظ برداشت ڪري خاموشيءَ سان بيهندو هو. عورت کيس کاڌي جي هڪ پرچي ڏيندي هئي، جنهن تي سندس والده صحيح ڪندي هئي. ان کان پوءِ هو اتان کاڌو وٺي هليا ويندا هئا، بهرحال هن ويٽنگ روم ۾ 19 بلين ڊالرن جي معاهدي تي صحيح ڪئي، صحيح ڪرڻ کان پوءِ هو چيڪ وصول ڪري سڌو ڪائونٽر ڏانهن ويو، کاڌو ڏيندڙ اها عورت اڄ به اتي موجود هئي. هن 19 بلين ڊالر جي چيڪ عورت جي اڳيان ڪائونٽر تي رکي ۽ مسڪرائيندي چيو، “Finally, I got a job” ۽ سينٽر کان ٻاهر هليو ويو. جين ڪوم 2021ع جي رپورٽ موجب 10 بلين آمريڪي ڊالرن جو مالڪ آهي، هن وقت سندس عمر 45 سال آهي. کيس آمريڪي شهريت مليل آهي ۽ هو هن وقت سنگل زندگي گذاري رهيو آهي.