ليکڪ: سيد خورشيد احمد شاهه
بجيٽ تقرير جو متن….
شڪريه ڊپٽي اسپيڪر صاحب، گهڻي عرصي کانپوءِ بجيٽ اجلاس ۾ آيو آهيان، جڏهن هتي موجود نه هجان ها ته تڪليف ٿئي ها، ڇو ته حڪومت جي بجيٽ پيش ٿي رهي آهي ۽ مان پنهنجي ماڻهن جي نمائندگي نه ڪري سگهان. جناب اسپيڪر گهڻي عرصي کانپوءِ وڏي تبديلي نظر آئي آهي، 3 فنانس منسٽر تبديل ٿي چڪا آهن، جيڪو هاڻي فنانس منسٽر آهي اهو اسان جو دوست رهيو آهي، مون کي اميد هئي ته انهن جي هوندي هيءَ بجيٽ ٽيڪس فري بجيٽ هوندي پر بجيٽ ۾ تقريبن 11 کان 12 سئو بلين جو ٽئڪس لڳو آهي، جنهن وقت بجيٽ پيش ٿي ته مان موجود نه هئس ۽ نه ئي پارليامينٽ مون کي گهرايو هو، ڪنهن به ملڪ جي معيشت جو دارومدار فگرز تي نه هوندو آهي. جي ڊي پي جي شرح ڪيتري آهي، پر حقيقتن ۾ ڏسڻ گهرجي ته ماڻهن جي پيٽ ۾ روزي ڪيتري آهي، اهي ڪيترو بک تي آهن ۽ انهن جو ڪيترو پيٽ ڀريل آهي ۽ عورتون ٿانو کڙڪائن ٿيون ته کاڌو تيار ٿي رهيو آهي، ملڪ جي عوام جي خوشحالي بهتر معيشت جي نشاندهي سان ٿيندي آهي، هتي مون کي اهو ڏسي ڏک ٿي رهيو آهي ۽ تڪليف ٿي رهي آهي، 30 کان 32 سال پارليامينٽ کي ڏٺو آهي، وڏيون وڏيون ڳالهيون ٿيون آهن، پر ڄنڊاپٽ ناهي ٿي، هتي مون گاريون ٻڌيون، انهن غريب مائرن ۽ ڀينرن جو ڪهڙو قصور هو، مون هميشه پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي. ڇو ته جيڪڏهن پارليامينٽ آهي ته ملڪ آهي، هاڻي مارشلائن جو دور ناهي، دنيا تيزي سان اڳتي وڃي رهي آهي ۽ اسين پوئتي وڃي رهيا آهيون، ميڊيا تي ڳالهيون ٿيون ته پاڪستان گري لسٽ مان نه نڪري سگهيو، ماڻهن خوشيءَ جون ڳالهيون ڪيون، پر مون کي افسوس ٿيو ته آخرڪار پاڪستان گري لسٽ مان ڇو ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. اها ڳالهه اپوزيشن ۽ حڪومت جي نه پر اسان جي ملڪ جي آهي، اسين هر نيگيٽو ڳالهه کي پازيٽو ۽ هر پازيٽو ڳالهه کي نيگيٽو سمجهندا آهيون، جناب اسپيڪر هن ملڪ جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي ته اسان پنهنجي ملڪ ۾ تعليمي ادارن کي اهو فروغ نه ڏنو آهي، جيڪو هن حڪومت جو فرض هو، مان اڄ اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اڄ به ملڪ جي تعليم جي ٽوٽل جي ڊي پي 1.79 آهي، 1996ع ۾ توهان ڪتاب کڻي ڏسي سگهو ٿا جيڪا رپورٽ آهي اسان 2.76 تائين کڻي ويا هئاسين، صحت جي بجيٽ جي حوالي سان وڏيون دعوائون ڪيون ويون، غريب ماڻهن لاءِ اهو ڏکيو مرحلو آهي، علاج ڪرائڻ ۽ مهانگي اگهه تي دوائون وٺڻ. ڪارڊ ورهائڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو، مان اڄ هن ايوان ۾ چوان ٿو ته اوهان جي ڪارڊ ورهائڻ وارو وڏو اسڪينڊل سامهون ايندو. دوائون چار سئو سيڪڙو مهانگيون ٿي چڪيون آهن، غريب ماڻهو ڪٿان خريد ڪندو، مان خدا جو قسم کڻي بغير ڪنهن خوشامند جي چوان ٿو ته صحت جي سهولتن ۾سنڌ کي لک ڀيرا سلام آهي. جناب اسپيڪر فاٽا هجي، گلگت بلتستان هجي يا ڪشمير هجي، يا افغانستان هجي اتان جا ماڻهو سنڌ جي اسپتالن ۾ اچن ٿا ۽20 لک رپين جو آپريشن به مفت ۾ ڪيو وڃي ٿو. جتي 50 لک رپين جو خرچ دل جي لاءِ ايندو آهي اهو سنڌ جي اسپتالن ۾ مفت لڳايو وڃي ٿو، جگر جي علاج تي 70 هزار رپيا خرچ آهي، اتي فري ۾ ڪيو وڃي ٿو، دل جي مريضن کان اهو به نٿو پڇيو وڃي ته توهان ڪٿان آيا آهيو، اهو منهنجو حق بڻجي ٿو ته جتي سٺو ڪم ٿئي ٿو ان جي تعريف ڪريان. رياست جي ڪهڙي به حصي ۾ جيڪو ڀلو ڪم ڪيو ويندو، ان تي ضرور ڳالهائيندس، پر سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته بدقسمتي سان اسين به ان جا ذميوار آهيون، صرف اڄ جي حڪومت ذميوار نه آهي، پر جيڪو اڄ اقتدار ۾ ويٺو آهي ان جي ذميواري وڌيڪ آهي. اسان ڇا غلط ڪيو، ڇا صحيح ڪيو، پر اڄ هي نٿا ڪن ته غلط ڪن ٿا، هن ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو دراصل ايٽم بم آهي، هي جيڪي چون ٿا ته نيوڪليئر پاور کسجي ويندو، هي ٿي ويندو، هو ٿي ويندو، ڪجهه به نه آهي، درحقيقت ايٽم بم ته توهان ٺاهي رهيا آهيو، پنهنجي ملڪ ۾جيڪا آبادي وڌي رهي آهي مسٽر اسپيڪر 1996ع ۾ 11 ڪروڙ هئي، هاڻي 22 ڪروڙ آهي ۽ 2030ع ۾ اها 30 ڪروڙ ٿي ويندي، مان عزت مآب وزير خزانه کان پڇڻ گهران ٿو ته توهان ان تي ڪجهه سوچيو آهي ته ان جو ڇا ٿيندو، اسپتالن جو ڇا ٿيندو، دوائون ڪيئن ملنديون، تعليم جي صورتحال ڪهڙي ٿيندي، زمين گهٽ ٿي رهي آهي ۽ پاپوليشن وڌي رهي آهي. ملٽي پل پاپوليشن ٿيندي وڃي ٿي، ان تي اسان کي سوچڻ گهرجي ته آبادي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڇا ڪرڻو آهي. ان وقت مسلمانن جو تعداد گهٽ هو، الحمد الله هاڻي اهو تعداد دنيا ۾ تمام گهڻو آهي، هاڻي اسان کي ان جي ماني جو بندوبست ڪرڻو آهي. اڄ هڪ شيءِ کان جان ڇڏائينداسين ته سڀاڻي ٻي شيءِ ۾ ڦاسي وينداسين، مڃڻ ۾ اچي ٿو ته مون کي اهو جواب ملندو ته اهو صوبائي سبجيڪٽ آهي، جيئن ڪورونا وائرس صوبائي سبجيڪٽ نه هو، صحت سان تعلق آهي پر صوبائي سبجيڪٽ ناهي، آبادي کي به وفاقي حڪومت پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڇو ته رياست جو مسئلو آهي. گلاس ۾ پاڻيءَ جي گنجائش سئو گرام آهي ۽ توهان ان ۾ ڏيڍ سئو گرام وجهندا ته اهو واپس هيٺ وهڻ شروع ڪندو. ڏوهه وڌي ويندا ڇو ته مهانگائي انتها تي پهچي چڪي آهي، مان تنقيد ڪرڻ نٿو چاهيان توهان غريب ماڻهن جي خواهشن کي ڪچلي ڇڏيو آهي، اهي هڪ تولو سون وٺن ان تي به توهان ٽئڪس لڳائي ڇڏيو، چاندي وٺڻ چاهين ٿا ان تي به ٽئڪس لڳايو ويو آهي، زراعت کي اوهان ڇا ڏنو آهي، توهان جي زراعت ترقي نٿي ڪري، ان جا ڪهڙا سبب آهن، هتي ريسرچ جا مسئلا ته پنهنجي جاءِ تي آهن، ڀاڻ هارين جي قوت خريد کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي، 6 هزار رپين جو ڊي اي پي ڪير وٺندو، مان هڪ مثال ڏئي رهيو آهيان، مان هن سال هڪ تجربو ڪيو پنهنجي ويب سائيٽ تي هوندو ته اسان ڪيتري ڪڻڪ اپائي سگهون ٿا، اسان جي ڪڻڪ جي ايوريج 30 مڻن جي آهي، شايد ان کان گهٽ هجي، هي زرعي ملڪ ۽ اينگرو انڊسٽري وارو ملڪ آهي پر ان جو هي حشر آهي. مان ڇهه ايڪڙ تي تجربو ڪيو ان تجربي مان جيڪو مقدار لازمي هو ان مقدار سان ڀاڻ ڏنو، 110 مڻ في ايڪڙ منهنجي ڪڻڪ ايندي آهي، ان جو مطلب آهي ته اسان وٽ مقدار آهي، پر حڪومت اهي سهولتون ڏيڻ نٿي چاهي، بس هر سال تاڙيون وڄايون وينديون آهن، ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته توهان حڪومت جا جيترا ميمبر ويٺا آهيو انهن تي 50، 50 هزار في مڻ ٽئڪس لڳايو ۽ بجيٽ پاس ڪرايو ته ان تي به تاڙيون وڄايون وينديون ۽ ٻاهر روئندا رهندا، ٽيڪس ڪهڙو به هجي پر اسان تاڙيون وڄائي ان کي پاس ڪري ڇڏيندا آهيون، ڪتاب ناهيون ڏسندا، هاڻي ڪينولا آئل تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي. اهو سڌو سنئون آبادگارن جي مٿان ٽئڪس آهي، هاڻي اهڙي صورتحال ۾ آبادگار ڪيڏانهن ويندو، ڀاڻ تي پيسا ڏيندو، ٽيڪس تي رقم ڪٿان ڀري، جيئن يوسف ٽالپر چيو ته انڊيا جي ڪهڙي پوزيشن آهي، هڪ ته اسان جي آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، ٻيو توهان خوراڪ جي ذخيري جو خيال نٿا رکو، ٽيون پارليامينٽ جيڪو ڪرڻ چاهي ٿو ان کي اهڙو ايوان بڻايو ويو آهي، جو مون کان پنهنجي جيل به وسري وئي آهي، مون چيو شڪر آهي ته مان هتي آهيان، ڇو ته هميشه پارليامينٽ جي بالادستي جي ڳالهه ڪئي آهي، توهان عوام کي ڪهڙو چهرو ڏيکاريو آهي، اسان جو اهو چهرو آهي جو هڪ ٻئي تي حملا ڪيا وڃن ٿا، اسان جو چهرو ته خوبصورت هجڻ گهرجي، اسان جو اهڙو چهرو ته نه هو جهڙو هاڻي ظاهر ڪيو وڃي ٿو، ائين نه هجڻ گهرجي ها، پر ماڻهو اهو چون ٿا ته اسان جا نمائندا ڪم ڪري رهيا آهن، اسان جي جنگ وڙهي رهيا آهن پر هتي ته سرڪس لڳل نظر اچي ٿو، الله گواهه آهي ته هتي اچي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دل نٿي چوي، ڇو ته مون کي خبر آهي ته مون جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن انهن تي عمل نه ٿيندو پر تاريخ ۾ نالو لکرائڻ لاءِ عوام جي نمائندگي ڪئي آهي، توهان ڪهڙي شيءِ تي ٽئڪس نه لڳايو آهي؟ توهان آن لائن تي ٽئڪس لڳايو، توهان ايس ايم ايس تي ٽئڪس هڻي ڇڏيو، ڪيترائي ٽئڪس لڳايا، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته توهان جو ڊائريڪٽ ٽئڪس جو ريشو ڪيترو ۽ ان ڊائريڪٽ ٽئڪس جو ريشو ڪيترو آهي، صرف ان کي ڏسو ۽ پوءِ بجيٽ پاس ڪيو، اڄ جي فنانس بل کي سڀاڻي تائين کڻي وڃو ۽ اهو ٻڌايو ته ڊائريڪٽ ٽئڪس ڪيترو آهي ۽ ان ڊائريڪٽ ٽئڪس ڪيترو آهي، جيڪو ان ڊائريڪٽ ٽيڪس آهي اهو به غريب ماڻهن تي آهي، وڏي ماڻهو تي ناهي، پئٽرول جي قيمت وڌندي، غريب ڀريندو، ڊيزل جي قيمت وڌندي، آبادگار ۽ هاري ڀريندو، پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون وڌنديون، ڪرايا وڌندا، هر طرف کان سمورن ٽئڪسن جو وزن غريب ماڻهن جي مٿان اچي وڃي ٿو، سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته ان معاملي ۾ پارليامينٽ جي سنجيدگي نظر نٿي اچي، پارليامينٽ سنجيدگي سان سوچڻ لاءِ تيار نه آهي، فنانس منسٽر ڄاڻي ان جو ڪم ڄاڻي، ڦلاڻو ڄاڻي ته ان جو ڪم ڄاڻي، جناب اسان کي گڏجي ڪري اهو وزن کڻڻ گهرجي، هن پارليامينٽ کي عزت ڏيو ۽ ان جو احترام ڪريو، ان کي مڇي مارڪيٽ نه بڻايو وڃي، توهان کي سوچڻو پوندو ته اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، پر هتي اچي اڄ اها سوچ ختم ٿي چڪي آهي، اڄ اپوزيشن پارليامينٽ ۾ خاموشيءَ سان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، صرف ان لاءِ اهو ڪردار ادا ڪيو وڃي ٿو جو سڀاڻي اسان جو ايندڙ نسل اهي فلمون ڏسي جيڪي اسان 1947ع جون ڏسون ٿا، هندستان جو ظلم ۽ جبر ڏسون ٿا، ماڻهو سوچي ايندا هئا ته اسان پاڪستان وينداسين ۽ اتي خوشحالي هوندي، خوشحال ملڪ هوندو.اسان آزادي جو ساهه کڻنداسين، اسان ملڪي ترقي ۾ حصو وٺنداسين پر اسان جا خواب اڌورا رهجي ويا، اسان انهن ۽ اڻپورن خوابن جي سهاري رهيا آهيون، خدا جي واسطي هن بجيٽ کي عوام جو بجيٽ بڻايو وڃي. اوهان جو شڪريو.