ايڊيٽوريل
توڙي جو سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر ۾ گهٽتائي کانپوءِ ڊگهو لاڪ ڊائون ختم ڪري شهر کولڻ سان گڏ عام زندگيءَ جون سرگرميون مڪمل طور تي بحال ڪيون ويون آهن پر پوءِ به اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ڪورونا اڄ به ساڳي خطرناڪ حالت ۾ موجود آهي ۽ ان وبا ۾ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي رهيا آهن، هن وقت چوٿين لهر جو خطرو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي، گذريل هفتي وزيراعظم عمران خان اهڙي خطري جي نشاندهي ڪندي وارننگ ڏني هئي ته جيڪڏهن ايس او پيز تي صحيح طرح سان عمل نه ڪيو ويو ته هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون لاڳو ڪنداسين ۽ شهر بند ڪرڻ سان گڏ پراڻيون پابنديون بحال ڪيون وينديون، هن وقت ڪورونا جا مختلف قسم پڻ سامهون آيا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هندستاني ۽ برطانيا جو وائرس ٻڌايو پيو وڃي. ، 20 ملڪن معاشي سرگرمين جي بحالي ۾ ڀارتي وائرس ڊيلٽا کي خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته مختلف ملڪن ۾ ويڪسينيشن مهم سستي سان هلي پئي، جيڪا هڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، چيو پيو وڃي ته ڀارتي وائرس معاشي سرگرمين ۾ رڪاوٽ وجهي رهيو آهي.
تازن انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ آچر واري ڏهاڙي وڌيڪ 35 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا آهن ۽ 1828 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 30 مئي کانپوءِ ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو کان وڌي ويا آهن، بلوچستان حڪومت جمعي ڏهاڙي سمورو ڪاروبار بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.اين سي او سي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته 50 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي وڌيڪ خطرو آهي، ان ڪري وڏي عمر جا ماڻهو ويڪسين لڳرائين.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيا آهن، جڏهن ته 1118 نوان ڪيس سامھون آيا آهن، آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وباءَ بابت جاري ڪيل تفصيلي بيان ۾ وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15998 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 1118 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن، انگ اکر بيان ڪندي وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي تھ اوڀر ڪراچيءَ ۾ 249، ڏکڻ ڪراچي 235، سينٽرل ڪراچي 160، ڪورنگي 118، ملير ۽ حيدرآباد 75-75، اولھھ ڪراچي 36، نوشھروفيروز 31، ميرپورخاص 15، ٽنڊو الھيار 13، سانگھڙ 12، ڄامشورو 11، ٿر پارڪر ۽ نواب شاھھ 10-10، بدين ۽ عمرڪوٽ 9-9، مٽياري 8، دادو 7، ٺٽو 6، گھوٽڪي 4، ٽنڊو محمد خان 3، خيرپور 2، لاڙڪاڻو ۽ سجاول ۾ ھڪ ھڪ نئون ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ پنھنجي ۽ پنھنجن پيارن جي زندگي بچائڻ لاءِ لازمي طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو وڃي. مجموعي طور سامهون آيل اهڙي صورتحال مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ڪورونا جو خطرو اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته ايس او پيز تي مڪمل طور عمل ڪري ۽ ويڪسينيشن به لازمي طور تي ڪرائي وڃي ته جيئن هن وبا کي وڌڻ کان روڪي سگهجي، هن وقت شهرن ۾ بنا ايس او پيز جي جيڪا پيهه آهي اها ڪنهن خطري کان گهٽ نه آهي، تنهن ڪري وڌيڪ زندگيون داءُ تي لڳي سگهن ٿيون، اميد آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ جو عوام احتياط ڏانهن سئو سيڪڙو ڌيان ڏيندو.