107

افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان چئي چڪو آهي ته اسان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ حصيدار ٿينداسين، جنگ ۾ نه، پاڪستان جي زمين افغانستان جي خلاف استعمال نه ٿي رهي آهي ۽ اميد آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سياسي پارٽي قيادت عدم مداخلت جي اصول تي متفق آهي. افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، پوري ڪوشش آهي ڪابل ۾ هڪ پرامن ۽ سڀني جي راءِ تي ٻڌل حڪومتي نظام جي  ذريعي اڳتي وڌايو وڃي پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو تڏهن به پاڪستان جي اندر ان جا اثر اچڻ نه ڏينداسين، اسان جي افغان پاليسي پاڪستان جي مفاد تي ٻڌل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو