110

مريم صفدر ۽ سندس والد نواز شريف ۽ مودي جي بيانيي ۾ ڪو فرق نه آهي: فرخ حبيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر ۽ سندس والد نواز شريف ۽ مودي جي بيانيي ۾ ڪو فرق نه آهي، نواز شريف جي ڀارت نواز بيانيي کي ملڪ جي اندر مريم اڳتي وڌائي رهي آهي، ادارن ۽ انهن جي سربراهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، مريم صفدر ڊان ليڪس جي خالق آهي، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي پڪڙجڻ تي انهن جي زبان بند هوندي آهي، مودي جي حلف برداري تي وڃن ٿا ته مودي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري حريت اڳواڻن سان نه ٿا ملن ۽ ڀارتي اداڪارن سان ملن ٿا، شادي جي تقريب ۾ مودي کي ته گهرائي سگهجي ٿو پر حريت اڳواڻن کي نه، نواز شريف لنڊن ۾ ويهي الطاف حسين ٽو بڻيل آهي، هي ته مودي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ۽ ڀارتي اداڪارن سان ته ملندو هو پر مودي جي چوڻ تي حريت اڳواڻن سان نه مليو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو