204

سڄي ملڪ ۾ مزارون اسان جو تاريخي ورثو آهن: وزيراعظم

اسلام آباد  (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ مزارون اسان جو تاريخي ورثو آهن، درٻارن جي ڀرپاسي ۾ موجود زمين کي مناسب طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ حضرت داتا گنج بخش جي مزار جي ٺوس ڊيولپمينٽ مئنيجمينٽ منصوبي، لاهور جي تاريخي بادشاهي مسجد ۽ پنجاب ۾ ٻين مزارن جي تحفظ ۽ بحالي ۽ رنگ روغن جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، اوقاف وارو صوبائي وزير پير سيد سعيدالحسن، ناڻي وارو صوبائي وزير هاشم جوان بخت، وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعوان، پنجاب جو چيف سيڪريٽري ۽ ٻيا سينيئر عملدار وڊيو لنڪ ذّريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ اجلاس ۾ موجود هو. وزيراعظم کي لاهور جي تاريخي ۽ مذهبي جاين حضرت داتا گنج بخش علي هجويري جي مزار ۽ بادشاهي مسجد جي تحفظ ۽ بحالي ۽ رنگ روغن جي حوالي سان منصوبي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. داتا درٻار جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان منصوبي ۾ درٻار ۾ زائرين جي سهولت، درٻار جي ڀرپاسي انفراسٽرڪچر جي بهتري ۽ زائرين کي بهتر سهولتن جي فراهمي سان گڏوگڏ ان جڳهه کي مذهبي سياحت جو مرڪز بڻائڻ ۽ ديني تعليم جو مرڪز بڻائڻ جي حوالي سان منصوبو جوريو ويو آهي. ان منصوبي تحت داتا درٻار گنج بخش کي هڪ ويلفيئر مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويندو، جتي مستحق زائرين کي کاڌي، رهائش جي سهولت، انهن جي تعليم جي انتظام سان گڏوگڏ درٻار جي بهتر انتظام کي پڻ يقيني بڻايو ويندو ته جيئن زائرين جي پارڪنگ، لنگر ۽ ٻين سهولتن کي بهتر بڻائي سگهجي. بادشاهي مسجد جي تحفظ ۽ رنگ روغن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان منصوبي ۾ تبرڪ گيلري، قرآن هال، اڱڻ جي بهتري ۽ نمازين جي لاءِ سهولتن کي بهتر بڻايو ويندو. وزيراعظم عمران خان کي پنجاب ۾ ٻين مزارن جي بحالي ۽ تحفظ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي ملڪ ۾ موجود مزارون اسان جو تاريخي ورثو آهن. هن چيو ته مذهبي سياحت جي فروغ جي حوالي سان انهن جاين جي بحالي ۽ تحفظ انتهائي اهم آهي. وزيراعظم چيو ته درٻارن جي ڀرپاسي موجود زمين کي مناسب طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان ٺوس پلان جوڙيو وڃي ته جيئن ان سرڪاري زمين کي اسپتالن ۽ تعليمي ادارن جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو