106

پاڪستان وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي: ملڪ امين اسلم

حضرو (ويب ڊيسڪ) موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي بااعتماد ۽ متحرڪ قيادت ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن عوام جي سمورين مشڪلاتن جو ازالو ٿي سگهندو. حضرو ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽس جو افتتاح جي موقعي تي پي ٽي آئي جي مقامي قيادت به ساڻس ملڪ امين اسلم چيو ته ضلعي جي 14 وڏن ڳوٺن لا3 سوئي گيس جي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي جنهن تي 33 ڪروڙ روپيا خرچ ايندو. ان کان  علاوه سوئي گيس جي ٻين منصوبن تي ٻه ارب روپيا خرچ ايندو. تمام جلد  اهي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. پي ٽي آئي حڪومت عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ۽ ان جذبي سان سرشار ٿي موجوده مشن کي اڳتي وڌايو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو