117

تحريڪ انصاف اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط سياست طاقت بڻجي چڪي آهي: چوڌري محمد سرور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته تحريڪ انصاف اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سياست طاقت بڻجي اڀري آهي، مخالف عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪا آهن. چونڊ سڌارن تي مخالف ڌر جون رڪاوٽون جمهوريت جا انڪاري آهن. اسان اهڙو شفاف چونڊ چاهيون ٿا جنهن تي هارائجڻ وارو به آڱر نه کڻي. وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ حڪومت ڪنهن سياسي ۽ ذاتي ايجنڊا تي نه پر ملڪ جي مستقبل کي محفوظ ۽ مستحڪم بڻائڻ لاءِ گامزن آهي. ڪامياب نوجوان احساس پروگرام ۽ تحريڪ انصاف صحت ڪارڊ سميت حڪومت جي سمورن منصوبن جو مقصد ڪمزور طبقي کي مٿي آڻڻ آهي ۽ انهن کي صحت ۽ تعليم جهڙي بنيادي سهولت جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. گذريل ڏينهن ساهيوال جي اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر جي افتتاح ۽ راوي بئريج هڙپا جي دوري سميت ٻين هنڌن تي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جيڪڏهن پاڪستان ۾ چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ ۾ سنجيده آهي ته هو چونڊ سڌارن جي معاملي تي حڪومت سان ساٿ ڇو نه ٿي ڏئي. بدقسمتي سان اپوزيشن ملڪ ۽ عوامي مفادن جي تحفظ بدران سياسي ۽ ذاتي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو