سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ مڙس مبينا طور تي تشدد ڪري گھرواريءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. خبرموجب مسمات صنم نالي عورت جي پيء غلام مرتضيٰ دعوي’ ڪئي آهي ته 7 سال اڳ سندس ڌيءَ جي شادي ڪاشف ميمڻ سان ٿي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد پڻ آهي. شادي کانپوءِ مڙس صنم تي سخت تشدد ۽ ذهني ٽارچر ڪندو هو، ڪاشف صنم کي ڪجهه ڏينهن اڳ تشدد جو نشانو بڻايو هو، جنهن سبب کيس حرا اسپتال سکر ۾ داخل ڪيو ويو پر سندس حياتي بچي نـ سگھي ۽ منھنچي ڌيء فوت ٿي وئي آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. پوليس هن وقت تائين جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگھي، هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي
