اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب چيو آهي ته اڳوڻو ناڻي وارو وزير عبدالحفيظ شيخ، اڳوڻو ايف بي آر چيئرمين عبدالله يوسف، اڳوڻو ايف بي آر چيئرمين سلمان صديقي ۽ ٻيا اختيارن جي ناجائز استعمال ۾ ملوث جوابدار آهن، رپورٽ مطابق نيب ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر نجف قلي مرزا جي سربراهي ۾ نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ جو اجلاس ٿيو. جنهن ۾ مختلف شڪايتن ۽ جاچن تي ڳالهيون ڪيون ويون. جڏهن ته ريجنل بورڊ 2 ريفرنس داخل ڪرڻ ۽ 2 شڪايتن کي جاچن ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. نيب چيو آهي ته ان سمورن منظور ٿيل ڪيسن ۾ ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو ويو هو. نيب موجب بورڊ لينڊ يوٽيلائزيشن ڊپارٽمينٽ بورڊ آف روينيو جي آفيسرن، عهديدارن ۽ ٻين خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اڳوڻي ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ جوابدار غلام مصطفيٰ ڦل، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اي ڊي او آصف ميمڻ ۽ ٻين قيمتي سرڪاري زمين کي ڀڳڙن جي مٺ تي غيرقانوني الاٽمينٽ ڪئي ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو. جنهن سبب قومي ناڻي کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو ويو. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، عبدالله يوسف، سلمان صديقي ۽ ٻيا اختيارن جي ناجائز استعمال ۾ ملوث آهن. جوابدارن سرڪاري ناڻي کي 11 ملين آمريڪي ڊالر جو نقصان پهچايو آهي. نيب پاران جاري ڪيل بيان موجب بورڊ اجلاس ۾ بورڊ ڊپٽي ڪمشنر، ضلع غربي ڪراچي جوابدار فياض سولنگي ۽ ٻين جي خلاف جاچ جي اجازت ڏني. جوابدار فياض سولنگي مختلف ڪرپشن ۽ بدعنواني جي ڪيسن ۾ ملوث آهي.
