اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار فيصل سلطان عيد تي سمارٽ لاڪ لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا ڪيسز ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي، جنهن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ احتياط لازمي آهي، هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل کي يقيني بنائينداسين ۽ سياحتي هنڌ تي وڃڻ جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ ويڪسين لڳرائڻ لازمي هوندي، هن چيو ته صرف احتياط سان ئي ڪورونا وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو. عوام کي اپيل آهي ته ماسڪ جي استعمال کي يقيني بنائي ۽ رش وارين جڳهين تي وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي. عيد تي سمارٽ لاڪ ڊائون طرف وڃي سگهون ٿا. جڏهن ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج کان به مدد وٺي سگهجي ٿي.
