196

نيب طرفان دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته احتساب جو عمل جاري آهي، پر هتي احتساب جو ڪوبه عمل جاري ناهي، پر انتقام ئي انتقام ورتو پيو وڃي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ڪو ته ڪيس ثابت ڪري، شاهد خاقان عباسي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نيب روز دعويٰ ڪندي آهي ته احتساب جو عمل جاري آهي پر احتساب جو ڪوبه عمل جاري نه آهي، پر انتقام ئي انتقام ورتو پيو وڃي، هن چيو ته عوام جو پئسو ضايع ڪيو يپو وڃي، ڪيس ثابت نٿو ٿئي پر ضمانت ٿي ويندي آهي، حڪومت کي 3 سال ٿي ويا آهن هو ڪو ته ڪيس ثابت ڪري، مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ چيو ته وزير گڏجي پريس ڪافرنس ڪندا آهن انهن کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي؟ عدالت چئي چڪي آهي ته ڪوبه مالي فائدو ناهي کنيو ته پوءِ ڪيس ڇا جو آهي.؟ هن چيو ته هتي انصاف جون بنيادي گهرجون پوريون نٿيون ڪيون وڃن. عدالت ۾ ڪيمرا لڳائي عوام کي ٻڌايو وڃي ته نيب ڪيس ڇا آهن؟ ملڪ ۾ انصاف جو نظام اهڙو آهي جو گهرجون ئي پوريون نٿو ڪري، شاهد خاقان عباسي چيو ته انصاف جا دعويدار اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي پڙهن، عدالتن ۾ گهرائڻ صرف زبان بند ڪرڻ جي ڪوشش آهي. جڏهن ته حڪومتي وزير ۽ سرڪاري آفيسر پاڻ چئي رهيا آهن ته نيب واري ماحول ۾ ڪم نٿا ڪري سگهون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو