124

ڪراچي جي ساحلي پٽي جون عمارتون ڪيتريون محفوظ آهن؟

ليکڪ: رافعا ذڪريا

ان وقت رات جو ڏيڍ ٿي رهيو هو، جهڙ گهٽ هو ۽ آسمان تي پورو چنڊ نڪتل هو، چيمپلن ٽاورز سائوٿ جا سوين رهواسي سڪون جي ننڊ ۾ هئا، سرف سائيڊ ۾ واقع هيءَ 12 منزلا عمارت هڪ اهڙي ايراضي تي قائم هئي جنهن کي سمنڊ جي ڀرائي ڪري ٺاهيو ويو آهي، ان علائقي ۾ ان جهڙيون ڪيتريون ئي ٻيون عمارتون به موجود آهن، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته عمارت ڪرڻ کان اڳ انهن هڪ آواز ٻڌو هو، عمارت جو وچون حصو پهريان زمين اندر هليو ويو ۽ پوءِ رڳو 30 سيڪنڊن کانپوءِ ٻيو حصو به ڪري پيو ۽ اهي 30 سيڪنڊ انهن ماڻهن لاءِ انتهائي دردناڪ هوندا، جيڪي وچون حصو ڪرڻ سان جاڳي چڪا هوندا.وچين حصي ۾ موجود ماڻهن کي شايد خبر ئي نه هجي پر پوءِ ڪرندڙ حصي جي رهواسين کي حالتن جي حقيقت جو علم ٿي چڪو هوندو، ريسڪيو اهلڪارن ملبي ۾ دٻيل ماڻهن جي ڳولا به شروع ڪري ڇڏي آهي پر انهن جي ڪوشش سان ڪجهه وڌيڪ اميدون لاڳاپيل نه آهن، اها خبر به آڏو آئي آهي ته 2018ع ۾ تيار ٿيل هڪ رپورٽ ۾ عمارت کي موجود سنگين نقصانن جو ذڪر ڪيو ويو هو، عمارت جي هيٺان ٺهيل پارڪنگ لاٽ ۾ وزن برداشت ڪرڻ وارن بنيادن ۾ ڏار موجود هئا ۽ عمارت جو سوئيمنگ پول ليڪ ڪري رهيو هو ۽ پاڻي هيٺ موجود پارڪنگ لاٽ جي ٿنڀن کي سيمي رهيو هو، ان حوالي سان ڪيس به داخل ڪيا ويا آهن ۽ ميانمي ڊيڊ ڪائونٽي جي سرف سائيڊ واقع آهي ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان جاچ جي منصوبابندي ڪري ورتي آهي، نيشنل پبلڪ ريڊيو مطابق ان حوالي سان ٿيندڙ جاچ ڪئي سالن تائين جاري رهي سگهي ٿي، اها ڳالهه ناممڪن آهي ته هاڻ ان بدقسمت عمارت بابت ٿيندڙ ڪوريج ڏسي رهيا هجون ۽ اوهان اهو سوچي ڏڪي نه وڃو ته ڪراچي جي ساحلي علائقن ۾ قائم ان قسم جي گهڻ ماڙ عمارتن جي حالت ڇا هوندي؟ پاڪستان ۾ عمارتن جو ڪرڻ عام واقعن ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي، انهن ۾ اڪثر واقعا اهڙين غريب ڪچين آبادين ۾ ٿين ٿا جتي بدعنوان ٺيڪيدار ناقص تعميراتي سامان سان گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهي ڇڏين ٿا، اهو سڀ ڪجهه ڪندي عوامي تحفظ لاءِ ٺاهيل ڪنهن به قانون تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي. گذريل سال سکر ۾ هڪ عمارت ڪري پئي هئي، ان کانپوءِ ڪراچي ۾ لياري واري علائقي ۾ هڪ 5 ماڙ عمارت به ڪري ۽ گذريل سال ٿيندڙ مون سون برساتن ۾ به عمارتن ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا، جن مان هڪ ۾ 10 ماڻهو فوت ٿيا، هن سال به برساتن جي ان شدت سان وسڻ جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي پر سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ڪراچي جي ٻين ادارن وانگر) زبون عمارتن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن کي خالي ڪرائڻ لاءِ خاطر خواهه ڪم ناهي ڪري سگهي، ان ڏس ۾ نه ئي ڪا تياري ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي ڪا انسپيڪشن، وڌيڪ اهوته ڪراچي جي ساحلي پٽي تي ڪيترين ئي گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير پڻ جاري آهي، گذريل سال انگريزي اخبار ڊان ۾ ”ري ڪليمنگ ڪراچيز ايج“ جي نالي سان شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾ سمنڊ مان حاصل ڪيل زمين تي تعمير ٿيندڙ عمارتن ۾ موجود مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. فلوريڊا ۾ ڪرندڙ عمارت وانگر ئي هتي به ڪيتريون ئي گهڻ ماڙ عمارتون موجود آهن، جن جي وڏي پئماني تي تشهير ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان ڪا وضاحت ناهي ته انهن جي منصوبابندي ۾ ڪهڙن معيارن کي سامهون رکيو ويو آهي ۽ عمارت جي تعمير ڪيتري بهتر انداز ۾ ڪئي وئي آهي، اها ڳالهه به غير واضح آهي ته ڇا مستقبل ۾ انهن نين ۽ پراڻين عمارتن جي جاچ پڙتال ٿيندي رهندي ته جيئن ان ڳالهه جو تعين ٿيندو رهي ته اهي عمارتون رهائش جي قابل آهن يا نه؟  ان حوالي سان به گهٽ معلومات موجود آهي ته ڪراچي جي ساحل تي انهن آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن جا نقشا ٺاهيندڙ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن ته اهي عمارتون مستقبل ۾ سمنڊ ۾ نه ڪرنديون ڇو ته جيڪي عمارتون سمنڊ ڪناري تعمير ٿين ٿيون انهن کي هوا، سمنڊ ۽ واريءَ جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. دبئي ۾ تعمير ٿيندڙ عمارتن (جن کي ڏسي هتي عمارتون ٺاهيون پيون وڃن) جي انتظاميا وٽ ايترا وسيلا هوندا آهن ته سامونڊي پاڻي سان ٿيندڙ نقصانن جي مرمت ڪرائي سگهن ۽ عمارت جي ڍانچي کي بهتر حالت ۾ رکي سگهن.پاڪستانين کي بچت جي عادت هوندي آهي، امڪان اهو آهي ته اهو ڪم اسان ساحلي علائقن ۾ٿيندڙ تعميرات ۾ به ڪنداسين ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪي عمارتون ٺهنديون اهي ڪجهه غير مستحڪم ۽ ٿورڙيون ڏکيون پڻ هونديون، پر انهن جي تعمير ممڪن بڻائيندڙ رانديگرن وانگر روايتي رويو اختيار ڪندا رهنداسين.فلوريڊا جي سرف سائيڊ ۾ واقع چيمپلن ٽاورز ۽ ڪونڊومينيئمس لاءِ هاڻ گهڻي دير ٿي چڪي آهي، عمارت جو بچيل حصو جيڪو اڃا به بيٺل آهي خوفناڪ منظر ڏيکاري رهيو آهي. ان ۾ نظر ايندڙ هڪ بيڊ روم ۾ بنڪ بيڊ، وهاڻا، چادرون، آفيس واري ڪرسي نظر اچي رهي آهي. ريسڪيو اهلڪارن کي ملبي مان جيڪي رانديڪا ملي رهيا آهن اهي انهن کي هڪ هنڌ تي انهن ٻارن جي يادگار جي طور تي گڏ ڪري رهيا آهن جيڪي ان حادثي ۾ حياتيون وڃائي ويٺا آهن، اهو انتهائي ڏکيو ڪم آهي، عمارت  ڪرڻ جي ٻئي ڏينهن ئي برسات ٿي ۽ هر شيءِ پُسي وئي ۽ ائين ڍير ۾ ڳولا جو ڪم وڌيڪ ڏکيو ٿي ويو، ان کانپوءِ حادثي واري جاءِ تي باهه ڀڙڪي پئي، جنهن سان اهو هنڌ دونهين سان ڀرجي ويو ۽ ملبي مان ڪنهن جي زندهه بچڻ جا امڪان وڌيڪ گهٽجي ويا آهن. سرف سائيڊ ۾ ٿيندڙ حادثو ڪراچي جي ساحلي پٽي تي اڏاوتون ڪرڻ وارن لاءِ هڪ تنبيهه به آهي، جيڪڏهن ڪنهن به اداري وٽ انهن عمارتن جي تعمير کان اڳ ڪو منصوبو موجود آهي ته انهن کي ان منصوبي کي پبلڪ ڪرڻ گهرجي ته جيئن عوام به ان کي ڏسي سگهي، اها ڳالهه به ضروري آهي ته عمارتن ۾ هنگامي حالتن ۾ ٻاهر نڪرڻ جا اهڙا رستا موجود هجن جن کي رهواسي ڪنهن زلزلي يا باهه لڳڻ جي صورت ۾ آساني سان استعمال ڪري سگهن.چيمپلن ٽاورز جا 100 کان وڌيڪ رهائشي انهن هنگامي رستن جي مدد سان ئي عمارت مان ٻاهر نڪتا، ڪشاده بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ۽ باقاعده طور تي نشان ڏنل هنگامي رستا شايد ئي ڪراچي جي ڪنهن ۾ عمارت ۾ موجود هجن ۽ اهو ڪڏهن به ڪنهن سانحي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. اها ڳالهه ته ناممڪن لڳي ٿي ته چيمپلن ٽاور جي ملبي مان هاڻ ڪو زندهه بچيو هجي ان عمارت ۽ ان جي رهائشين کي بچائڻ لاءِ گهڻو ڪري سگهجيو پئي، پر نه ڪيو ويو، عمارت جي مرمت ۾ دير ڪئي وئي، ڏارن ۽ ديوارن مان ايندڙ آوازن کي به نظرانداز ڪيو ويو، ان جو نتيجو سڀني جي سامهون آهي ڪراچي جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتن ۽ خاص طور تي ساحل تي واقع عمارتن جي رهواسين کي ان حوالي سان نظر رکڻ گهرجي ۽ پنهنجي طور تبديل ٿيندڙ واري ۽ ان تي قائم عمارتن جي حوالي سان لاتعلق نه رهڻ گهرجي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو