172

انڊيا، ايران ۽ ترڪي جا مفاد ۽ طالبانن جي واپسي..؟؟

ليکڪ: دلنواز پاشا

طالبان طرفان افغانستان جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضي جي حوالي سان سامهون ايندڙ خبرن بابت سڄي دنيا ۾ ڳڻتي آهي ۽ دنيا جا ڪيترائي ملڪ آمريڪا جي اتان واپسي کي انتهائي غور سان ڏسي رهيا آهن، جتي افغانستان جي پاڙيسري ملڪ خاص ڪري پاڪستان طرفان تازن واقعن تي ردعمل سامهون آيو آهي اتي انڊيا، ايران ۽ ترڪي جهڙن ملڪن جي حوالي سان به ڪيترائي اهڙا اشارا مليا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي به افغانستان جي مستقبل جي حوالي سان ڳڻتي ۾ آهن، مثال طور ويجهن ڏينهن ۾ انڊيا جي سفارتي حلقن ۾ ان حوالي سان سخت ڳڻتي ڏٺي وئي آهي ۽ انڊيا جي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر جو ايران جو دورو به ان تناظر ۾ ڏٺو پيو وڃي، ايران ۾ ايس جي شنڪر تهران ۾ نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي سان ملاقات ڪري وزيراعظم نريندر مودي جو پيغام به پهچايو پر جنهن ڏينهن انڊيا جو پرڏيهي وزير تهران ۾ هو، ان ڏينهن افغان حڪومت ۽ طالبان جو هڪ وفد به اتي موجود هو، ان کانپوءِ جڏهن جي شنڪر روس پهتو ته اتي به طالبان جا نمائندا موجود هئا پر ان حوالي سان انڊيا جي طرفان ڪو سرڪاري بيان سامهون ناهي آيو ته ڇا ٻنهي ڌرين ۾ ڪا ملاقات ٿي يا نه؟ ماضي ۾ به انڊيا ۽ طالبان وچ ۾ غير رسمي ڳالهين جون خبرون اينديون رهيون آهن پر انڊيا جي عملدارن سدائين ان جي ترديد ڪئي آهي. پر ڪجهه تجزيي نگارن جو خيال آهي ته انڊيا ڪجهه سببن جي ڪري هاڻ طالبان سان رابطي ۾ آهي، آمريڪا جو پروفيسر مقتدر خان چوي ٿو ته طالبان سان پردي جي پويان ڳالهيون ڪرڻ جا پنهنجا سبب آهن، طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن اهي چاهين ته ٻن هفتن ۾ سڄي ملڪ تي قبضو ڪري سگهن ٿا ۽ في الحال اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته افغانستان جو هڪ حصو ان انتهاپسند تنظيم جي اثر هيٺ آهي، افغانستان ۾ غير ملڪي فوج جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ جرنيلن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ جيڪا صورتحال پيدا ٿي رهي آهي اها گهرو ويڙهه طرف اشارو ڪري  ٿي. پروفيسر مقتدر خان مطابق طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ سان پاڪستان، ايران، چين ۽ انڊيا سڀني ملڪن ۾ اضطراب وڌي ويندو، طالبان چين جي سرحد تائين پهچي ويا آهن ۽ اهي انڊيا جي قبضي هيٺ ڪشمير ۾ خطرو پيدا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان کي طالبانائيز ڪري سگهن ٿا، ايران به ان خطري کان پري ناهي. ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ اسان ڏسي سگهون ٿا ته انهن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي نئين شڪل ڏني پئي وڃي. ايران ۽ افغانستان جي وچ ۾ 945 ڪلو ميٽر ڊگهي سرحد آهي ۽ طالبان ايران جي سرحد ويجهو واقع ڪجهه ڳوٺن تي قبضي جي دعويٰ ڪئي آهي. ايران ڪڏهن به طالبان جي کليل حمايت نه ڪئي آهي پر ماضي ۾ هن افغان حڪومت جي نمائندن ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين جي ميزباني ڪئي آهي، ايران تاريخي طور تي افغانستان ۾ آمريڪي موجودگي جي مخالفت ڪئي آهي ۽ ان کي پنهنجي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو آهي، گذريل هفتي افغان حڪومت  طالبان جي نمائندن وچ ۾ تهران ۾ ڳالهين کانپوءِ ايران چيو آهي ته ايران آمريڪا جي ناڪامي کانپوءِ افغانستان ۾ بحران حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. نئين دهلي افغان حڪومت جي حمايت ۽ طالبان جي کليل مخالفت ڪندو رهيو آهي، انڊيا 2002ع کان هن وقت تائين افغانستان ۾ 3 بلين ڊالرن جي سرمائيڪاري ڪئي آهي ۽ ان جا مفاد، سلامتي ۽ معيشت ٻنهي سان لاڳاپيل آهي، انڊيا کي خدشو آهي ته جيڪڏهن افغانستان ۾ طالبان جو اثر رسوخ وڌي ٿو ته ڪشمير جي صورتحال متاثر ٿي سگهي ٿي. چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جو طالبان ۾ ڪجهه گروهن تي گهڻو اثر آهي ۽ جيڪڏهن طالبان جي افغانستان ۾ گرفت مضبوط ٿئي ٿي ته انڊيا لاءِ اها صورتحال سٺي ثابت نه ٿيندي. ڇو ته طالبان جي ڪجهه گروهن ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا افغانستان ۾ انڊيا جي مفادن کي نشانو بڻايو آهي. پر ممڪن آهي ته آمريڪا جي قيادت هيٺ نيٽو فوج جي نڪرڻ کانپوءِ انڊيا کي افغانستان ۾ پنهنجي ترجيح تبديل ڪرڻي پئي، علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ۾ عالمي معاملن جي پروفيسر سوستي راءِ جو چوڻ آهي ته انڊيا افغانستان ۾  تمام گهڻي سرمائيڪاري ڪئي آهي، اتي 7200 ڪلو ميٽر اتر-ڏکڻ راهداري ۾ سرمائيڪاري ڪئي آهي جيڪا ايران کان روس تائين هلندي، جيڪڏهن ان ۾ ڪو مسئلو ٿيو ته اهو ڪيترن ئي ماڻهن کي متاثر ڪندو. تجزيي نگارن جو خيال آهي ته انڊيا افغانستان ۾ سرگرم آهي ۽ ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، ترڪي جي شهر انقره ۾ يلدرم بائيزيٽ يونيورسٽي جو پروفيسر عمير انس چوي ٿو ته انڊيا جي پرڏيهي وزير جي ايران واري دوري جي پنهنجي اهميت آهي. ايران کي خدشو آهي ته جيڪڏهن طالبان افغانستان تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪير سگهن ٿا، انڊيا ۽ ايران جا افغانستان بابت گڏيل مفاد آهن، ان ڪري ٻئي هڪٻئي سان تعاون ڪري سگهن ٿا. ماضيءَ ۾ انڊيا آمريڪا سان افغانستان ۾ سرگرم هو پر ايران ۽ روس سان اهڙو ڪو اتحاد نه هو، انس جو چوڻ آهي ته ايس جي شنڪر جي تهران پهچڻ کان اڳ هڪ طالبان وفد به اتي موجود هو ۽ جڏهن هو روس پهتو ته اتي به طالبان موجود هئا، ائين لڳي ٿو ته انڊيا هن وقت ايران ۽ روس ٻنهي سان گڏجي افغانستان ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. سواستي رائو چوي ٿي ته انڊيا جي حڪومت افغان حڪومت سان سٺا لاڳاپا برقرار رکيا ۽ انهن ۾ ڊگهي سرمائيڪاري ڪئي، آمريڪا جي روانگي کانپوءِ اتي هڪ قسم جو خال پيدا ٿي رهيو آهي جيڪو انڊيا جي مفادن کي متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ ان جي تحفظ لاءِ شايد انڊيا روس ۽ ايران سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف انڊيا ايران جي تيل جو به وڏو خريدار رهيو آهي پر آمريڪي پابندين سبب 2019ع کان ان تي پابندي لاڳو ڪرڻي پئي، پروفيسر عمير انس چوي ٿو ته ايران وٽ هڪ نئون صدر آهي ۽ انڊيا ان موقعي جو فائدو کڻندي ايران جي نئين حڪومت سان تيل جي قيمتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو، آمريڪي صدر جوبائيڊن جي اچڻ کانپوءِ ايران تان ڪجهه پابنديون هٽائڻ جي به اميد آهي ۽ ممڪن آهي ته انڊيا ان مان فائدو کڻڻ چاهيندو.ٻئي طرف پروفيسر مقتدر خان چوي ٿو ته افغانستان ۾ نئين سيڪيورٽي صورتحال ۾ ايران جو ڪردار به اهم هوندو، جيتوڻيڪ انڊيا جي پرڏيهي وزير جي دوري کانپوءِ ان بابت ڪو بيان سامهون ناهي آيو پر انڊيا ان ڳالهه جو اشارو ڪري رهيو آهي ته آمريڪا جي ايران مخالف پاليسي باوجود انڊيا ايران سان لاڳاپا برقرار رکڻ چاهي ٿو ۽ هڪ طرح سان اهو آمريڪا لاءِ اشارو به آهي ته آمريڪا ۽ انڊيا وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري برقرار رهندي پر انڊيا پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي خودمختيار رکندو، آمريڪي فوج جي نڪرڻ بعد افغانستان ۾ ترڪي جو ڪردار اهم ٿيڻ جي اميد آهي ۽ ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي ڪمانڊ نيٽو جي ميمبر ملڪ ترڪي جي هٿ ۾ آهي، جيڪڏهن افغانستان ۾ ترڪي جو ڪردار وڌي ٿو ته ان جو اثر انڊيا ۽ ترڪي جي لاڳاپن تي به پوندو. ڪشمير بابت ترڪي جي بيانن کانپوءِ انڊيا ۽ ترڪي جي لاڳاپن ۾ خلا وڌي وئي آهي ۽ ترڪي به انڊيا جي مقابلي ۾ پاڪستان جي ويجهو آهي پر تجزيي نگارن جو خيال آهي ته افغانستان جي ڪري انڊيا ۽ ترڪي کي ويجهو اچڻو پئجي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ افغانستان ۾ چين جون سرگرميون واضح نه آهن پر افغانستان جي صورتحال چين جي مفادن کي به متاثر ڪري سگهي ٿي، چين پنهنجي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو تحت پاڪستان ۾ اقتصادي راهداري ۾ گهڻي سرمائيڪاري ڪئي آهي ۽ افغانستان ۾ گهرو ويڙهه جي صورتحال ۾ سي پيڪ کي خطرو ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ماهرن جو خيال آهي ته چين نه ته افغان حڪومت ۽ نه ئي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ لهرائيندو. چين ۽ پاڪتسان جا لاڳاپا مضبوط آهن ۽ اهو ممڪن آهي ته چين پاڪستان تي پنهنجي اثر رسوخ کي طالبان تي اثرانداز ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ۽ ممڪن آهي ته اهو افغانستان ۾ سرمائيڪاري به ڪرڻ چاهيندو هجي. سواستي رائو چوي ٿي ته اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته تڪڙو يا دير سان چين افغانستان ۾ هڪ مضبوط رانديگر بڻجي سگهي ٿو، انڊيا کي اهو لڳي ٿو ته مستقبل ۾ چين افغانستان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ ان جو اتي اثر وڌي ويندو، ان ڪري انڊيا خطي جي ٻين ملڪن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪري پنهنجي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو