ليکڪ: اياز هاشم ڀٽو
اسلام هڪ ڪامل دين آهي، جنهن ۾ انسان جي فلاح ۽ ڪاميابي لاءِ عبادت جا اهڙا عظيم موقعا رکيا ويا آهن جن کي اختيار ڪري انسان پنهنجي رب کي راضي ڪري سگهي ٿو، عبادت جا اهڙا بيشمار موقعا مختلف واقعن جي آڌار تي به ٻڌل هُوندا آهن، انهن مان قربانيءَ جو موقعو به هڪ آهي، جنهن جو بنياد حضرت ابراهيم عه جي انهيءَ خواب تي آهي جنهن ۾ ڏٺائون ته پاڻ ربّ پاڪ جي حڪم سان پنهنجي پياري پُٽَ حضرت اسماعيل عه کي ذبح ڪري رهيا آهن، پاڻ پنهنجي اهڙي خواب جو ذڪر پنهنجي پُٽ حضرت اسماعيل عه سان ڪيو، جنهن کيس عرض ڪيو ته، ” بابا سائين اوهان کي جيڪو حڪم مليو آهي، انهي تي عمل ڪريو، اوهان انشاءَالله مون کي صبر ڪرڻ وارن مان ڏسندؤ“، حضرت اسماعيل عه جو اهڙو جواب ٻڌي حضرت ابراهيم کيس ساڻ ڪري مڪي مڪرمه کان منى جي طرف روانو ٿيو، جتي پُٽ جي قرباني ڪرڻ لاءِ کيس منهن ڀر ليٽائي ڇڏيو ۽ ذبح ڪرڻ جي لاءِ ڪاتي سندس ڳلي تي رکي زور سان هلائي، ته الله پاڪ طرفان مٿس وحي نازل ٿي ته اي ابراهيم! اوهان پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو، ان بعد الله پاڪ قربانيءَ لاءِ حضرت اسماعيل عه بدران هڪ دُنبي کي موڪليو، جنهن کي قربان ڪيو ويو، قربانيءَ جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته انسان کي پنهنجي رب جي رضا لاءِ پنهنجي پياري کان پياري شيءِ به قربان ڪرڻ کان ڪيٻائڻ نه گهرجي، قربانيءَ جي اهڙي عمل جي پوئيواري ڪندي ۽ حضرت ابراهيم جي انهيءَ اخلاص واري جذبي کي ياد ڪندي اَڄُ ڏينهن تائين مسلمان قربانيءَ جي اهڙي عمل کي دهرائيندا اچن پيا ۽ هر سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني ڪندا آهن، بجا طور تي دنيا ۾ لکين ڪروڙين حيثيت وارا مسلمان هر سال حج جو فرض سرانجام ڏيڻ کانپوءِ ڪنهن به صحت مند ۽ تازي تواني جانور جي قرباني ڪندا آهن، اهڙي قرباني مرڪزي طور تي مديني شريف ۾ ٿيندي آهي جتي لکن جي تعداد ۾ جانورن کي ذبح ڪيو ويندو آهي جڏهن ته دنيا جي هر مسلم توڙي غير مسلم ملڪ جتي مسلمانن جي آبادي آهي اتي قرباني ٿيندي آهي، قرباني جي اهڙي مقصد پويان، صرف الله جي رضا شامل آهي، هن عمل سان ڪيئي بي روزگارن جو روزگار به ٿئي ٿو، جيڪي پورو سال محنت ڪري جانورن کي پالين ٿا ۽ هن مهيني جي داخل ٿيندي ئي انهن جي مرجهايل چهرن تي مرڪ اچي وڃي ٿي. جيئن ته سڄي ايشيا ۾ 4 کرب رپين کان وڌيڪ جانورن جو ڪاروبار ٿئي ٿو. تقريباً 23 ارب رپيا ڪاسائي مزدوري ڪمائن ٿا، 4 ارب کان وڌيڪ گاھه جو ڪاروبار ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ قرباني جي ڏهاڙن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪاروبار ٿئي ٿو، جنهن سان نه صرف غريبن کي ڪاروبار ملي ٿو پر هارين جي چاري جي کپت ۾ پڻ واڌارو ٿئي ٿو، اربين رپين جي چمڙي جو ڪاروبار ٿئي ٿو، قربانيءَ جي شڪل ۾ الله پاڪ جي هن هڪ حڪم کي ادا ڪرڻ سان هڪ مسلمان ملڪ کي نه فقط معاشي فائدو ٿئي ٿو پر اهڙي طريقي سان عملي طور تي صرف جانور جي قرباني نه پئي ٿئي، پر اهڙي عمل سان ڄڻ ته قربانيءَ واري عمل کي انتهائي موثر ۽ بهتر نموني سان ادا ڪرڻ جي هڪ ڪوشش به ڪئي وئي آهي، جنهن سان قربانيءَ جو عمل به ٿي وڃي ٿو ۽ بي روزگارن کي روزگار به فراهم ٿئي ٿو. قربانيءَ جو فلسفو اهو به ٻڌائي ٿو ته جڏهن اسان ڪنهن به جانورن جي عملي طور تي قرباني ڪريون ته ان جو گوشت ضرورت آهر پنهنجي ڪٽنب لاءِ رکي باقي سمورو گوشت پاڙي ۽ برادريءَ جي انهن ضرورت مندن تائين پهچايون جيڪي سڄو سال گوشت رڳو ان ڪري نه کائيندا آهن جو هُو گوشت خريد ڪري ناهن سگهندا، اسان سمجهو ٿا ته اها ڳالهه ڪنهن به طرح مناسب نه آهي جو قربانيءَ کان پوءِ گوشت جمع(اسٽاڪ)ڪري رکون ۽ هفتن تائين کائيندا رهون، قرباني جي جانور واٽ تي ٻڌو ويندو آهي جنهن سان واٽ ويندڙن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. قرباني ڪرڻ مهل ڪڏهن ڪڏهن سڄي گهٽي گهيري ويندي آهي، جنهن سبب ٻانهن جا حق پائمال ٿين ٿا، اوجھڙي ۽ جانور جا آنڊا، پيٽ مان نڪرندڙ بيڪار مادو گهٽين ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آهي، ائين گهٽين ۾ لٿڙجندو پيو آهي، سو قربانيءَ جو فلسفو اسان کي اهو به ٻڌائي ٿو اسان جيڪا قرباني ڪريون، ان جانور کي ڪنهن ڪنڊ پاسي تڪبير ڏئي ذبح ڪري، ان جو باقي بچيل ضايع ڪرڻ جهڙو بيڪار مواد فوري طور تي ڪنهن اهڙي هنڌ ڦٽو ڪريون جتي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ان مان ڪنهن به قسم جي تڪليف نه ٿئي. اسان جو اهو خيال آهي ته قربانيءَ جي عيد کي هڪ ديني فريضو سمجهي اهڙي نموني ملهايو وڃي جو ان سان الله پاڪ به راضي ٿئي ۽ ان جي خلق کي به فائدو حاصل ٿئي، اهڙي نموني عيدالاضحيٰ گذارڻ سان اسان جو خيال آهي ته مسلمان هن عظيم قربانيءَ جي عيد کي ڀرپور نموني ملهائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.