ليکڪ: مبشر حسن سمون
ڪنهن هٿيار جو پاڻ مٿان فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ، بجلي جي ڪرنٽ ۾ پاڻ ڏئي مارڻ، زهر کائڻ، ڪنهن گاڏي يا ريل هيٺان پاڻ ڏئي پنهنجي خوبصورت زندگي جو انت آڻڻ ئي خودڪشي ڪرڻ جو نالو ناهي پر پنهنجي زندگي سان کيڏي تماڪ جو گھڻي مقدار ۾ واپرائڻ به آپگهات ڪرڻ آهي، تماڪ واپرائڻ وارا ماڻهو ان عمل کي هڪ معمولي ڳالهه سمجھي ان تي پنهنجو ڪو به خاص ڌيان نه ڏيندا آهن پر جيڪڏهن انهن کي ڪو تماڪ نه واپرائڻ جي بهترين صلاح يا مشورو ڏيندو آهي ته هي ان سان به مهاڏو اٽڪائيندا آهن پر شايد انهن کي اها خبر ناهي ته آپگهات جو ٻيو نالو تماڪ جو جھجھي مقدار ۾ واپرائڻ به آهي، سگريٽ نوشي جيڪا صحت لاءِ تمام گھڻي هاڃيڪار آهي اهو جملو نصيحت طور پنهنجي وڏڙن کان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ٻڌندا پيا اچون پر ان تي پوءِ به عمل ڪرڻ کان قاصر بڻيل آهيون، ان کانسواءِ هر سگريٽ جي پاڪيٽ تي اها نصيحت پڻ لکيل هوندي آهي ته تمباڪو صحت لاءِ هاڃيڪار آهي، سگريٽ پيئڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر اصل ڳالهه آهي تماڪ جو استعمال ڪرڻ پوءِ اهو کڻي سگريٽ، پان، نسوار يا حقي ڇڪڻ جي صورت ۾ هجي، تماڪ واپرائڻ هر صورت ۾ صحت لاءِ نقصان ڪار هجي ٿو، ياد رهي ته تماڪ ۾ ڪنهن به قسم جي ٻي غذا نه هوندي آهي سواءِ 18 مختلف قسم جي زهرن جي، جن مان ٻه زهر ته نهايت اهم آهن هڪ نڪوٽين ۽ ٻيو ڪولٽار نڪوٽين سائنائيڊ جهڙي زهريلي شيءِ آهي، هن جو نشو آفيم، مارفين، هيروئن ۽ پيٿوڊين جي مقابلي ۾ تمام خطرناڪ ۽ جان وٺندڙ آهي، سگريٽ جو دونهون وات مان هيٺ لهندي ئي پنجن سيڪنڊن کان پوءِ پنهنجو ڪم ڏيکارڻ شروع ڪندو آهي، جيڪو شريانن ذريعي دماغ تائين پهچي ويندو آهي، جڏهن ته نڪوٽين جي سئي پنجن کان ٻارنهن سيڪنڊن ۾ دماغ تائين پهچي ويندي آهي، نڪوٽين جو هڪڙو قطرو ڪتي کي مارڻ لاءِ ڪافي هجي ٿو، جڏهن ته ننڍڙا پکي ان جي بوءِ سان ئي مري ختم ٿي ويندا آهن، يورپ جا ماهر اهو به ثابت ڪري چڪا آهن ته نڪوٽين جي هڪ رتي طاقتور ماڻهو کي هڪ ڪلاڪ اندر ماري وجھندي، هڪ سير تماڪ ۾ هڪ رتي نڪوٽين هوندي آهي، شڪر آهي جو هڪ سير تماڪ ماڻهو هڪ ڏينهن ۾ ڪو نه ٿو واپرائي سگھي نه ته هن وقت تائين تقريبن سڄي دنيا ختم ٿي چڪي هجي ها. نڪوٽين استعمال ڪرڻ جا ڪيترائي نقصان آهن، جن مان ڪجهه هتي بيان ڪجن ٿا، پهريون ڪوليسٽرول وڌي وڃي ٿو، ٻيو بلڊ پريشر جو وڌڻ، ٽيون نڪوٽين استعمال ڪرڻ سان وٽامن سي ضايع ٿئي، جڏهن ته چوٿين نڪوٽين استعمال ڪرڻ سان هارٽ اٽيڪ پڻ ٿيڻ جا چٽا امڪان موجود هوندا آهن، جڏهن ته ٻئي زهر ڪولٽار جي ڳالهه ڪجي ته اهو ڪينسر جو اهم سبب آهي، باقي 14 زهر هوا جي نلين تي حملو ڪري ساهه ۾ رڪاوٽ پيدا ڪن ٿا ۽ ڪجهھ رت ۾ پڻ شامل ٿي وڃن ٿا، نئين تحقيق اهو ٻڌائي ٿي ته سگريٽ نوشيءَ سان دل جي مريضن ۾ اضافو ٿئي ٿو، ان کانسواءِ اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته سگريٽ پيئڻ سان جسم ۾ خون جا لوٿڙا ٿي وڃن ٿا، آمريڪي ماهرن جي هڪ رپورٽ مطابق گھڻي مقدار ۾ سگريٽ نوشي ڪرڻ وارا 40 ورهين جي عمر تائين ڪنهن نه ڪنهن دل جي مرض ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا، مٿين ڳالهين مان اسان ائين چئي سگھون ٿا ته سگريٽ نوشي خودڪشي ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. ڏٺو وڃي ته اسان جي معاشري ۾ اڄ جو نوجوان نسل گهڻي مقدار ۾ سگريٽ نوشين، پان ۽ ٻيون زهريليون استعمال ڪن ٿا، جن جي ڪري هو هر وقت ذهني پريشانين ۾ رهن ٿا، جيڪڏهن انهن کي نڪوٽين وغيره نٿي ملي ته هڪ گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه سان گڏوگڏ والدين جي نافرماني پڻ ڪن ٿا ۽ هو انتهائي قدم کڻڻ لاءِ پڻ تيار ٿي وڃن ٿا، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي جيڪڏهن هڪ صحتمند معاشرو قائم ڪرڻو آهي ته اسان کي مٿي ڄاڻايل زهرن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ان جي روڪٿام لاءِ قدم پڻ کڻڻ گهرجن.