ايڊيٽوريل
پوري ملڪ سميت سنڌ ۾ مون سون برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ٿر سميت حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ برسات جو پهريون وسڪارو ٿي ويو آهي، جنهن سبب هيٺانهان علائقا پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت پاران بهتر انتظامن ۽ اڳواٽ نالن جي صفائي سبب پهرين وسڪاري جو پاڻي ايترو نه بيٺو آهي ۽ انتظاميا تڪڙا قدم کڻي پاڻي نيڪال ڪري ورتو آهي، ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون ڏيڻ سان گڏوگڏ انتظاميا کي سرگرم ڪيو، جنهن سبب گهڻي ڀاڱي پاڻي نيڪال ٿي ويو آهي، برسات جو پهريون وسڪارو ان ديس تي ٿيو جنهن جو سڄو معاشي ۽ زرعي ڪاروهنوار برسات تي ئي آهي ۽ اهو ديس ٿر آهي، ٿر جي مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، ڪلوئي، چيلهار ۽ ڇاڇري سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي آهي، جنهن کانپوءِ ماروئڙن جي چهرن تي مرڪون اچي ويون آهن، ڇو ته ٿر جڏهن به وسي ٿو ته هي صحرا چمن ٿي پوندي آهي ۽ اتي مختلف قسمن جا گاهه، ٻوٽا ۽ مقامي سطح تي ڀاڄيون ۽ فصل ٿيندا آهن، رڳو ايترو ئي نه پر برسات کانپوءِ ٿر جي سياحت به وڌي ويندي آهي ۽ سڄي سنڌ مان ماڻهو ٿر جو رخ ڪندا آهن، ڪارونجهر، مٺي، عمرڪوٽ سميت ٻين علائقن جون رونقون بحال ٿي وينديون آهن، ان ڪري ٿر ته جيترو به وسي ايترو فائدي وارو آهي، پر اسان سمجهون ٿا ته گذريل سال جڏهن مون سون جون برساتون شروع ٿيون هيون ته سنڌ جي گادي واري هنڌ سميت حيدرآباد، ميرپورخاص ٻين علائقن ۾ برساتي پاڻي وڏي تباهي مچائي هئي ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي ٻوڏ سبب ڪيترن ئي ڏينهن تائين پاڻي بيٺل هو، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هلندڙ سال برساتن کان اڳ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻڻا پوندا ۽ گذريل سال جي تجربي کي سامهون رکي انهن سمورن هنڌن تي الرٽ ٿيڻو پوندو جتان پاڻي کي گذرگاهه نه ملڻ سبب اهو شهر ۾ ڪاهي پيو هو، گڏوگڏ اسان کي شاخن، واهن ۽ درياهي بندن جو پڻ خيال رکڻو پوندو، ڇو ته هن ڀيري گذريل سال کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي آهي ۽ خبرون آهن ته ڪشمير ۽ مٿين علائقن ۾ پيل برسات سبب چناب درياهه ۾ هن وقت ئي ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ پاڻي تيزي سان درياهن جو رخ ڪيو آهي، يقيني طور تي اهو پاڻي مٿان کان ٿيندو اسان ڏي ئي ايندو ان ڪري سنڌ حڪومت کي اڳواٽ ۽ تڪڙا قدم کڻي درياهي بندن سميت ڪاڇي ۾ موجود گاج ڊيم جا بند به مضبوط ڪرڻا پوندا، ڇو ته گذريل برساتن دوران بند ٽٽڻ سبب وڏي پئماني تي تباهي آئي آهي ۽ ماڻهو ڪيترن ئي مهينن تائين پاڻي ۾ ڦاٿل هئا، ان ڪري اسان سنڌ حڪومت کي اها گذارش ڪنداسين ته لاڳاپيل ادارن سان گڏجي هنگامي بنيادن تي برسات ۾ ٻوڏ ۽ ٻئي نقصان کان بچاءَ لاءِ اڳواٽ قدم کنيا وڃن، شهرن ۾ پنهنجي عملي کي الرٽ رکيو وڃي ته جيئن برسات جي صورت ۾ فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل سميت لاڳاپيل کاتن کي هدايتون ڪيون وڃن ته اهي ماڻهن کي مصيبت کان بچائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺن، گڏوگڏ وفاقي حڪومت کي پڻ گذارش ڪنداسين ته برسات دوران بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائونن کي بريڪ ڏني وڃي ته جيئن پاڻي جي نيڪال ۾ آساني ٿئي، اسان کي اميد آهي ته گڏيل حڪمت عملي ۽ تعاون سان هن سال سنڌ سميت سڄي ملڪ جا ماڻهو برساتن سبب پريشاني کي منهن نه ڏيندا.