239

ماضي ۾ سياستدانن اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان سودا ڪيا: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نواز ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ماضي ۾ سياستدانن پنهنجي اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان سودا ڪيا، جيستائين شفاف چونڊون نه ٿينديون، سياستدان پنڊي ڏانهن ڏسندا رهندا. هن اسپيڪر کي مخاطب ٿي چيو ته اسپيڪر صاحب توهان کي به هن ايوان جي وقار وڌائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 220 ملين ماڻهن کي اقتداري راند جو حصو ٿيڻو پوندو، ڇا جيڪا پاور گيم هتي ٿي رهي آهي، 72 سالن ۾ ڪا بهتري آئي آهي؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو