212

عيد تي سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج کان مدد وٺڻ تي غور، سنڌ ۾ ٻيهر ڪاروبار 2 ڏينهن بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ سبب عيد تي سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج کان مدد وٺڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته سنڌ ۾ ٻيهر  پرائمري اسڪول بند ڪرڻ ۽ ڪاروبار هفتي ۾ 2 ڏينهن بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ڪورونا بابت ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهڙو فيصلو  چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت ھيٺ اھم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ گھرو  سيڪريٽري ، سيڪريٽري صحت سميت تمام ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سمورن ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ٿيڻ تي شادي ھال، مال پڙيون، بازارون ۽ ريسٽورنٽ سيل ڪيا وڃن. جنھن علائقي ۾ڪورونا  جا ڪيس وڌن اتي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو وڃي. اجلاس ۾ صحت کاتي پرائمري تائين اسڪول بند ڪرڻ، صوبي ۾ ٻيهر 2 ڏينهن ڪارو بار بند ڪرڻ ۽ هوٽلن توڙي ريسٽورنٽس ۾ اندر ويهي کائڻ پيئڻ تي ٻيهر پابندي لڳائڻ جون تجويزون پڻ ڏنيون، اهي تجويزون وڏي وزير جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ رکيون وينديون. هوڏانهن وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب ڪورونا ڪيسن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي. جنهن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ احتياط لازمي آهي. هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪرائينداسين ۽ سياحتي هنڌ تي وڃڻ جي خواهشمند ماڻهن جي لاءِ ويڪسين لڳرائڻ لازمي هوندي. هن چيوته عيد تي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج کان به مدد وٺي سگهجي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جو ايلفا کان پوءِ ڊيلٽا قسم پڻ ظاهر ٿيو آهي، پوري پاڪستان ۾ ڪورونا جي پکيڙ جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي. هن چيو ته صرف احتياط سان ئي ڪورونا وبا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي  ٿو. عوام کي اپيل آهي ته ماسڪ جو استعمال ضرور ڪري ۽ رش وارن هنڌن تي وڃڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ٻي پاسي گذريل  24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا  سبب هڪ هزار 808 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته وڌيڪ 15 ماڻهو فوت پڻ ٿي ويا. اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هن وقت تائين پنجاب ۾ 3 لک 48 هزار 309، سنڌ ۾ 3 لک 47 هزار 478، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 39 هزار 463، بلوچستان ۾ 27 هزار 994، گلگت بلتستان ۾ 6 هزار 904، اسلام آباد ۾ 83 هزار 764 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 21 هزار 180 ماڻهو ڪورونا سبب متاثر ٿي چڪا آهن، پوري ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 9 لک 57 هزار 92 ٿي ويو آهي. جڏهن ته  پوري ملڪ ۾ 22 هزار 597 ماڻهو فوت پڻ ٿي چڪا آهن.  پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 3.84 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ ڪورونا جي ڪيسن جي شرح 14.58 سيڪڙو کان ٽپي وئي آهي. حيدرآباد ۾ ڪورونا جي ڪيسن جي شرح 3.99 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي جڏهن ته سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ شرح 1.79 سيڪڙو رهي. سڄي سنڌ ۾ سراسري طور تي ڪورونا جي شرح 6.44 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي. اسلام آباد ۾ ڀارتي قسم جي  ڊيلٽا ڪورونا جا 25 کان وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن.  ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد چيو آهي ته شهر ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح هڪ کان وڌي 5 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اسلام آباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ صبح 9 وڳي کان اسمارٽ لاڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. ڪورونا ڪيسن جو انگ وڌڻ جي ڪري جن علائقن ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي تن  ۾ قرطبه ٽائون، سيڪٽر جي 11، ايف 63، جي 72 ۽ سوان گارڊن ايڇ بلاڪ جا علائقا شامل آهن. ٻي پاسي سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 5967 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 870 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته 8 ماڻهو فوت پڻ ٿي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو