اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته امتحان نه وٺنداسين ته جيڪي ٻار پڙهن پيا اهي تياريون ڇڏي ڏيندا، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته سستي شهرت جي لاءِ مطالبو ڪيو ويو ته امتحان ملتوي ڪيا وڃن، 18هين ترميم کانپوءِ وفاق تعليم بابت صوبن کي حڪم نه ٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته افسوس ته اپوزيشن ڄاڻي واڻي ٻارن جي مستقبل تي سياست ڪئي آهي،
