بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق جي شهر الناصريه ۾ واقع امام حسين اسپتال ۾ باه لڳڻ جي واقعي ۾ 52 ماڻهو سڙي فوت ۽ 22 زخمي ٿي پيا، رپورٽ مطابق اهو واقعو ذيقار جي گادي واري شهر ناصريه ۾ واقع امام حسين ٽيچنگ اسپتال ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن لاءِ مختص آئسوليشن مرڪز ۾ موجود آڪسيجن سيلينڊر ۾ باه لڳڻ سبب پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 52 ماڻهو سڙي فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا،آخري اطلاعن تائين اسپتال ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي، واٰقعي جي جاچ لاءِ وزيراعظم مصطفي الڪاظمي پاڻ ذي قار شهر پهچي ويو آهي.
