120

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 1590 ڪيس رپورٽ: قومي صحت واري وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 43 هزار 790 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. قومي صحت واري وزارت طرفان جاري ٽوئٽ جي انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 43 هزار 790 ٽيسٽون ڪيون ويون هيون جن مان 1590 ماڻهن جي ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيل ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ جي شرح 3.63 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو انگ 21 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو