فائرنگ 231

جيڪب آباد ۾ زمين جي تڪرار تي ٻن گروپن ۾ جهيڙو، فائرنگ سبب هڪ شخص قتل، ٻه شديد زخمي

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ زرعي زمين تي قبضو ختم ڪرائڻ تي ڪٽوهر برادري جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص قتل جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا. جيڪب آباد جي تعلقي گڙهي خيرو جي علائقي پنهون ڀٽي ويجهو زرعي زمين تي ڪٽوهر برادري جي هڪ گروپ قبضو ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻيو گروپ زمين جي مالڪي ظاهر ڪري پنهنجي هٿياربند ماڻهن سان گڏ زمين خالي ڪرائڻ پهچي ويو، ٻنهي گروپن ۾ جهيڙو شروع ٿي ويو ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ شخص ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ پوليس پهچي فائرنگ تي ضابطو آندو ۽ ٻنهي زخمين ۽ لاش کي ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال گڙهي خيرو منتقل ڪيو. ٻنهي گروپن جي 6 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي پر هن وقت تائين ڪو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو