اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي 13 جولاءِ 1931ع تي ڊوگر مهاراجا جي فوج پاران پرامن مظاهرين تي فائرنگ ۾ شهيد ٿيندڙ 22 شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم خلاف ڪشميري عوام جي جدوجهد، مزاحمت ۽ قربانين جي تاريخ سان لکيل آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهي ۽ هو گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ تائين ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪندو.
179