اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين 13 جولاءِ 1931ع جي ڪشمير جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قرآن جي عزت ۽ حرمت ۽ ڏاڍ جي خلاف ڪلمه حق چوندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 13 جولاءِ 1931ع تي ڪشميرين کي ان لاءِ شهيد ڪيو ويو ته انهن جابر حڪمرانن آڏو ڪلمه حق چيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هي ڏينهن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بي مثال بهادري جي ياد ڏياري ٿو.
181