اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خاتمي جو ڏينهن پري نه آهي، پاڪستان سدائين ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ڪئي آهي، ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڪشمير جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪشمير جي شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو. ڀارتي قبضي جي خلاف ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني ۽ ظالمانو قبضو ڪري رکيو آهي. 13 جولاءِ 1931ع تي شهيد ٿيندڙ اڄ جي آزادي جي تحريڪ جا وڏا هئا. صادق سنجراڻي چيو ته آزادي جي لاءِ ڪشميري نسل درنسل قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڪشمير هندوتوا حڪومت جي انهن جي سڃاڻپ جي خاتمي جي سازش جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن. پاڪستان سدائين ڪشميرين جي خودمختياري جي حمايت ڪئي آهي. والاريل ڪشمير جي آزادي تائين آزادي جي تحريڪ جي حمايت جاري رکنداسين. ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خاتمي جو ڏينهن پري نه آهي. هن چيو ته ڪشمير جي شهيدن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي تازو ڪيو. ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پاڪستان ڪڏهن به ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندو.
