110

ڪورونا وائرس جي وبا جو خطرو اڃا موجود آهي، عوام ايس او پيز تي عمل ڪري:ڊاڪٽر نوشين حامد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته پابنديون نرم ڪيون وڃن ٿيون. ان دوران احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا. جنهن سبب وائرس ٻيهر پکڙجي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته جڏهن ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. هن چيو ته اسان کي زندگيون بچائڻيون آهن. ڪيترو عرصو پنهنجي ٻارن جي تعليم کي محروم رکنداسين. هن ڀيري جيئن ئي پابندين کي نرم ڪيو ته شهرين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو. حڪومت طرفان بار بار اها ڳالهه چئي وئي ته ايس او پيز کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻو ناهي. هن چيو ته ماڻهن سوچيو ته ڪورونا بلڪل ختم ٿي ويو آهي ۽ اسان کي ڪنهن به قسم جي ايس او پيز تي عمل نظر نه آيو 10 مان 7 ماڻهو ماسڪ نه ٿا پائين. هن چيو ته خطرو اڃا موجود آهي ۽ ڪجهه عرصو رهندو ان جو علاج اهو ئي آهي ته اسان ايس او پيز تي عمل ڪيون جيستائين ويڪسينيشن جو عمل مڪمل نه ٿيندو اوستائين ايس او پيز تي عمل ڪري ان جي پکيڙ کي روڪي سگهجي ٿو .

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو