134

ڪشميرين جو حق خوداراديت سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل حقيقت آهي: شيرين مزاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته اڄ ڪشمير جي شهيدن جو ڏهارو  آهي، 13 جولاءِ 1931ع تي ڊوگره حڪمرانن جي فورسز پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڪشميري شهيد ٿي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪشميرين جي ظلم ۽ جبر خلاف مزاحمت جون مضبوط تاريخي جڙون آهن. ڀارتي قبضي ۽ رياستي دهشتگردي خلاف ويڙهه نسل در نسل جاري اهي. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح طرفان ڏنل ميراث اسان کي ڪشميرين جي ڀارتي قبضي خلاف جدوجهد ۽ انهن جي حق خوداراديت سان گڏ بيهڻ جو سبق ڏئي ٿي. ڪشميرين جو حق گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قرار دادن ۾ بين الاقوامي برادري ذريعي تسليم ٿيل حقيقت آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ محفوظ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو