ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي پرڏيهي وزير موتيگي توشي متسو 15 ملڪن کي ڪورونا وائرس جا مجموعي طور هڪ ڪروڙ 10 لک خوراڪ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. جاپاني نشرياتي اداري مطابق آسٽرا زينيڪا جي ٺاهيل ۽ جاپان ۾ تيار ڪيل ويڪسين کي ويڪس مرڪز ذريعي فراهم ڪيو ويندو. هي مرڪز ويڪسين جي ورهاست لاءِ قائم ڪيل بين الاقوامي ڍانچو آهي. گذريل ڏينهن هن ٻڌايو ته تياريون مڪمل ٿيندي ئي ويڪسين جا تقريبن هڪ ڪروڙ 10 لک خوراڪ ڪمبوڊيا، اولهه تيمور، لائوس، مالديپ، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، فجي، پاپوا نيو گني، ساموا، سولومن جزائر، تونگا، ايران ۽ ٻين ملڪن کي موڪليون وينديون.
