اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ڪي پي ڪي جي ضلعي ڪرم جي علائقي زيوا ۾ سيڪيورٽي آپريشن دوران پاڪ فوج جي هڪ آفيسر ۽ جوان جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. گذريل ڏينهن گهرو وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير وطن خاطر جان قربان ڪندڙ ڪيپٽن باسط ۽ سپاهي حضرت بلال کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪارروائين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته پاڪستان جي سر زمين تي آخري دهشتگرد جي موجودگي تائين آپريشن جاري رهندو.
193