198

افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو پاڪستان غور سان جائزو وٺي رهيو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو پاڪستان غور سان جائزو وٺي رهيو آهي، اسان جو موقف تمام واضح آهي ته اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون جڏهن ته ان ڏس ۾ عالمي برادري جي مدد گهربل آهي، افغان گروپن سان اسان جو رابطو آهي ۽ افغانستان ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي پوري دنيا ڏسي رهي آهي، عالمي برادري افغان پناهگيرن جي مسئلي تي پاڪستان جو ساٿ ڏي، اسان جي ڪوشش آهي ته افعانستان ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين جنهن سان افغان رهواسين کي ٻيهر لڏپلاڻ ڪرڻي پوي، وفاقي ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) تي پابندي جي حوالي سان ڪميٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ تنظيم تي پابندي جو فيصلو برقرار رکيو آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سعودي عرب مان 85 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي، چونڊ سڌارن جي حوالي سان مخالف ڌر سان ڪيترن ئي نقطن تي اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، گذريل ڏينهن 5 لک 25 هزار ڪوويڊ جون ڊوز لڳايون ويون، هيستائين 2 ڪروڙ پاڪستانين جي ويڪسي نيشن ٿي چڪي آهي، عوام کي اپيل آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، وفاقي ڪابينا عيدالاضحيٰ تي ٽن موڪلن جي منظوري ۽ پاڪ فوج جي لاءِ جاري بنيادي پگهار جو 15 سيڪڙو اسپيشل الائونس 2021ع ڏيڻ جي منظوري ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿيڻ تي ڪشمير جي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. 13 جولاءِ 1931ع تي ڪشميرين کي ان ڳالهه تي شهيد ڪيو ويو هو ته اهي حق ۽ بي باڪي جي لاءِ بيٺل رهيا. اڄ وفاقي ڪابينا ۽ قوم انهن ڪشميري نوجوانن کي سلام پيش ڪري ٿي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. هن ٻڌايو ته اليڪٽورل ريفارمز جي حوالي سان صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، مخالف ڌر سان ڪيترين ئي شين تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جن تي اتفاق نه آهي اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون انهن تي به اتفاق ٿي وڃي، اي وي ايم مشين ۾ اسان جو مقصد چونڊن کي شفاف بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سعودي حڪومت پاران وڌيڪ 85 قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي. انهن قيدين کي واپس آڻڻ جي لاءِ خصوصي جهاز موڪليو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاڪستان جي دوري دوران اعلان ڪيو هو ته اسان انهن قيدين کي آزاد ڪنداسين. هن چيو ته قيدين جي آزادي جو عمل مسلسل هلي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته پوري دنيا مان سوين قيدين آزاد ٿيا، ٻاهرئين ملڪ جيڪو پورهيت طبقو جيلن ۾ آهي انهن جي لاءِ وڏي خوشخبري آهي. جيڪي قيدي سنگين ڏوهن م ملوث نه آهن انهن کي واپس آڻڻ جو ڪم ڪافي تيزي سان جاري آهي. اميد آهي ته وڌيڪ پاڪستاني جلد پاڪستان واپس اچي ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير  ٻڌايو ته صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل ڪوويڊ جي ڦهلاءُ ۽ ويڪسي نيشن جي صورتحال تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڏينهن 5 لک 25 هزار ڪوويڊ جون ڊوز لڳايو ويون ۽ هيستائين 2 ڪروڙ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. سڀاڻي ان حوالي سان اين سي او سي هڪ ٺوس رپورٽ پڻ ڏيندي. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪوويڊ جا ڪيسز وڌيا آهن، پنجاب ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، اهو ضروري آهي ته احتياطي قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 20 کان 22 جولاءِ تائين ٽي ڏينهن عيدالاضحيٰ جي موڪلن جي منظوري ڏني آهي. هن ٻڌايو ته ڪابينا جي اهم شخصيتن بشمول وزيرن، مملڪتي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن، ججن، سرڪاري ملازمن ۽ ٻين ماڻهن جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي استعمال هيٺ پروٽوڪول جي صورتحال پيش ڪئي وئي. ڪابينا کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ پروٽوڪول اپوزيشن ۽ اڳوڻن بيوروڪريٽس وٽ آهي. اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايندڙ هفتي هڪ ٺوس رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول کي ريشنلائيز ڪرڻ جي حوالي سان ٺوس پلان پيش ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو