178

موجوده حڪومت بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام تي ڌيان ڏئي رهي آهي: حماد اظهر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته موجوده حڪومت بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان مقصد جي لاءِ بجيٽ ۾ وڏي رقم رکي وئي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر بهره مند خان تنگي، سينيٽر ڪامل علي آغا ۽ سينيٽر پرنس عمر جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته غيرمعياري سامان ملڻ تي سخت ڇنڊڇاڻ ٿئي ٿي، غير تسلي بخش رپورٽ جي صورت ۾ ورڪ آرڊر ملتوي ڪيو وڃي ٿو، ٽرانسفارمرز کي نقصان سڌوسنئون وڌيڪ ڪنڍن جي ڪري به ٿئي ٿو، ان ڏس ۾ ڪيترن ئي ورڪشاپس کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ بجلي جي پهچ نظام تي ڌيان نه ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو