173

روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ سان رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي: علي محمد خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ سان رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي، ڪورونا جي ڪري وڏن ملڪن جي جي ڊي پي گهٽ ٿي، پاڪستان جي جي ڊي پي 3.9 سيڪڙو رهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر مشتاق احمد خان، سينيٽر محسن عزيز ۽ سينيٽر فيصل جاويد جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سيڙپڪاري بورڊ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ واپاري سرگرمين کي آسان بڻائڻ سميت ڪيترائي قدم کنيا آهن، سيڙپڪاري جي شڪايتي سيل کي سٽيزن پورٽل سان ڳنڍيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت ماحول دوست قدم کنيا آهن، فيصل آباد ۾ بند پيل 50 هزار پاور لوم کي بحال ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو