174

حڪومت بلوچستان ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: علي محمد خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته حڪومت بلوچستان ۾ پاڻي جي مسئلي جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، واپڊا پاران به ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي. سينيٽ ۾ سينيٽر فدا محمد ۽ سينيٽر تاج حيدر جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته بلوچستان جو اڪثر علائقو نيم بنجر ۽ بنجر علائقي تي ٻڌل آهي، زمين هيٺ پاڻي جي سطح تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ غيررجسٽرڊ ٽيوب ويل جي استعمال تي پابندي هنئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو