120

ڪورونا وبا وڌيڪ 8 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 1201 نوان ڪيس رپورٽ: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ اٺ مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 5621 ٿي وئي آهي جڏهن ته 16262 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 1201 نوان ڪيس سامهون آيا. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه  وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ ٻڌائي. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ اٺ مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 5621 ٿي آهي جيڪا 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته 16262 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1201 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 7.4 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 4710523 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 349569 ڪيس جي تشخيص ٿي، انهن مان 91 سيڪڙو يعني 318376 مريض صحتياب ٿيا جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 535 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 25572 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 24671 گهرن ۾، 837 مختلف اسپتالن ۾ ۽ 64 مريض آئسوليشن سينٽرز ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 783 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳيءَ ٻڌائي وئي جن ۾ 61 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو. بيان موجب 1201 نون ڪيسن مان ڪراچي جا 920 ڪيس آهن. رپورٽ مطابق ڪراچي اوڀر 273، ڏکڻ 237، سينٽرل 210، ڪورنگي 134، ملير 134 ۽ 20 ويسٽ شامل آهن. ٺٽي ۾ 35، حيدرآباد 21، سانگهڙ 23، عمرڪوٽ 20، ڪشمور 18، دادو 14، بدين 13، شهيد بينظيرآباد، سجاول ۽ سکر 11-11، ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص 10-10، جيڪب آباد 9، ڄامشورو، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار 8-8، ٽنڊو محمد خان 7، نوشهروفيروز ۽ شڪارپور 6-6، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو 3-3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريو آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو